صحت مند معاشري لاءِ راندين جون سرگرميون ڪرڻ انتهائي سٺو سنوڻ آهي : صوبائي اڳواڻ سيد شفقت شاهه

سکر(بيورو رپورٽ) پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي صوبائي اڳواڻ سيد شفقت شاهه چيو آهي ته صحت مند معاشري لاءِ راندين جون سرگرميون ڪرڻ انتهائي سٺو سنوڻ آهي. موجودا حالتن ۽ محدود وسيلن باوجود راندين جون سرگرميون جاري رکڻ ڪنهن به عبادت کان گھٽ ناهي، راندين جي ميدانن کي آباد رکڻ ۽ کلاڙين جي حوصلا افزائي ڪرڻ ۾ ڪڏهن به پوئتي نه رهنداسين. اهو ڏينهن جلد ايندو جڏهن سکر ۾ ڪرڪيٽ جي حوالي سان اعليٰ سطحي ٽورنامينٽ منعقد ڪيا ويندا. اهڙيون ڳالهيون هن پي سي بي گرائونڊ سکر ۾ پهريون آغا جاويد آل سنڌ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي فائنل دوران ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، تقريب کان پهرين الشهباز ڪرڪيٽ ڪلب لاڙڪاڻو ۽ سنڌ اسٽار ڪرڪيٽ ڪلب سکر وچ ۾ مقابلو پڻ ٿيو، تقريب ۾ مير اعجاز علي ٽالپر، آفتاب مهر، الطاف مهر، سيد ارشد شاهه، اسلام دين ڪانڌڙو، ارباز عباسي ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي سيد شفقت شاهه چيو ته موجودا صوبائي حڪومت جي نااهلي سبب سنڌ جا نوجوان رانديگر سهولتن کان محروم بڻيل آهن. ايندڙ بلدياتي چونڊن ۽ عام چونڊن ۾ فنڪشنل ليگ جي حڪومت ٺهڻ سان پهريون ڪم رانديگرن جا مسئلا حل ڪرڻ هوندو.

Read Previous

نيوسعيدآباد: پي ٽي آ۽ ضلعي مٽياري جي صدر حسين ميمڻ ۽ ٻين عھديدارن جي ھنگامي پريس ڪانفرنس

Read Next

ٺٽي جي ور شهر جو همراه نالي لياقت آرفاڻي جناح اسپتال ڪراچي مان سندس بيڊ تان پراسرار نموني غائب,وارثن پاران جناح اسپتال ڪراچي انتظاميا پاران گم ڪرڻ جو الزام

Most Popular