سينٽر فار پيس اينڊ ڊويلپمينٽ انيشيئيٽوز پاڪستان ۾ بجيٽ اندر شفافيت جي صورتحال بابت رپورٽ جاري ڪري ڇڏي

دادو رپورٽ:(محمد علي شيخ) سينٽر فار پيس اينڊ ڊويلپمينٽ انيشيئيٽوز  پاڪستان ۾ بجيٽ اندر شفافيت جي صورتحال بابت رپورٽ جاري ڪري ڇڏي،سي پي ڊي آءِ پاران پاڪستان ۾ بجيٽ سازي جي عمل ۾ شفافيت جي صورتحال بابت سالياني رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي ، رپورٽ ۾ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي بجيٽ سازيءَ جي عمل ۾ ڪيل ڪوتاهين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ۽ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ بجيٽ مختلف طبقن سان تعلق رکندڙ فردن اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت ڪري تيار ڪرڻ گھرجي ۽ سرڪار پاران بجيٽ سازي ۽ بجيٽ تي عملدرآمد جي سڀني مرحلن متعلق شهرين کي پاڻمرادو معلومات فراهم ڪرڻ گھرجي.اھڙواظھار نجمه نواز  پريزيڊنٽ وومين اينڊ يوٿ ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن دادو پاران سٽيزن نيٽورڪ فار بجيٽ اڪائونٽبلٽي تحت ڪوٺايل دادو پريس ڪلب ۾ ڪانفرنس ڪندي ڪيو. سٽيزن نيٽورڪ فار بجيٽ اڪائونٽبلٽي (سي اين بي اي) پاڪستان جي 110 ضلعن ۾ بجيٽ جي شفافيت بابت ڪم ڪندڙ 70 کان وڌيڪ سول سوسائٽي تنظيمن جو نيٽورڪ آهي. ھن چيو ته سي پي ڊي آءِ هميشه بجيٽ سازيءَ جي عمل ۾ شفافيت لاءِ ڪوشش ڪئي آهي گذريل ڏهاڪي کان سي پي ڊي آءِ پاڪستان جي مختلف ضلعن ۾ بجيٽ سازيءَ جي عمل شفافيت جو روپ وٺي رهي آهي پر هن سال وفاقي ۽ صوبائي سطح تي ان عمل جو جائزو ورتو ويو آهي. هي رپورٽ نه صرف پاڪستان ۾ بجيٽ جي شفافيت جي صورتحال جو جائزو پيش ڪري ٿي پر ان سان گڏ اهو اندازو پڻ لڳائڻ ۾ مدد ڏئي ٿي ته پاڪستان ۾ معلومات تائين رسائيءَ جو حق، بجيٽ بابت معلومات حاصل ڪرڻ ۾ ڪيترو مددگار آهي

Read Previous

ٺٽي جي ور شهر جو همراه نالي لياقت آرفاڻي جناح اسپتال ڪراچي مان سندس بيڊ تان پراسرار نموني غائب,وارثن پاران جناح اسپتال ڪراچي انتظاميا پاران گم ڪرڻ جو الزام

Read Next

سائينداد کوکر جي رھواسين پاران مردن، عورتن علائقي جي بااثر وڏيري جي ظلمن خلاف نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو

Most Popular