نيب احسن اقبال خلاف ڪرپشن ريفرنس احتساب عدالت ۾ داخل ڪري ڇڏيو

اسلام آباد:  قومي احساب بيورو(نيب) مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ احسن اقبال جي خلاف ڪرپشن ريفرنس احتساب عدالت ۾ داخل ڪري ڇڏيو جنهن ۾ نارووال اسپورٽس سٽي جو اسڪوپ 3 ڪروڙ کان وڌائي 3 ارب روپين تائين ڪرڻ جو الزام آهي. ريفرنس جي متن موجب احسن اقبال نارو وال اسپورٽس سٽي منصوبي ۾ اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو ۽ وفاقي حڪومت جا فنڊ صوبائي منصوبي ۾ خرچ ڪيا.  نيب موجب احسن اقبال تي الزام آهي ته هن 3 ارب روپين جو منصوبو نارووال ۾ شروع ڪيو جنهن جي اصل لاڳت 30 ڪروڙ هئي. ريفرنس ۾ اڳوڻي ڊي جي اسپورٽس بورڊ احمد نواز گنجيرا به  جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي.

Read Previous

پي ڊي ايم جو ايجنڊا ڪيسن کي ختم ڪرائڻ آهي: شبلي فراز

Read Next

ميھڙ ڳوٺ رحم علي کوسو واسي شبير کوسو سنڌ پريس ڪلب ميهڙ پهچي ميهڙ جي مشهور ڀاڻ ڊيلر مير محمد شيخ خلاف احتجاج ڪندي

Most Popular