ميھڙ ڳوٺ رحم علي کوسو واسي شبير کوسو سنڌ پريس ڪلب ميهڙ پهچي ميهڙ جي مشهور ڀاڻ ڊيلر مير محمد شيخ خلاف احتجاج ڪندي

ميهڙ (رپورٽ) ميھڙ ڳوٺ رحم علي کوسو واسي شبير کوسو سنڌ پريس ڪلب ميهڙ پهچي ميهڙ جي مشهور ڀاڻ ڊيلر مير محمد شيخ خلاف احتجاج ڪندي چيو آھي ته مون ڪجھ ڏينهن اڳ ميهڙ جي مشهور ڀاڻ ڊيلر مير محمد شيخ کان 4 ٻوريون ڪارو ڊي اي پي ڀاڻ ورتو هيو جيڪو نقلي ۽ ايڪسپائر ڳوڙهو ٿيل نڪتو جيڪو آء کڻي واپس ڊيلر وٽ آيس ته ان وٽ ٻيو به اھڙو ئي ڀاڻ موجود هيو جنهن جي آء وڊيو به ڀري آھي،جڏهن ته ان موقعي تي مير محمد شيخ جو پٽ موجود ڪون هيو جنهن کان مون ڀاڻ ورتو هيو ۽ ملازمن چيو ته ڪجھ ڪلاڪ ترسي اچ ته جيئن مالڪ اچي ته ان سان ملي پنهنجو مسئلو حل ڪراء ۽ جڏهن آء ٻيهر موٽي دڪان تي آيس تي دڪان تان اهو ڳوڙھا ٿيل ڀاڻ به غائب هيو ۽ مالڪ به موجود ڪون هيو ۽ ملازمن مونکي چيو ته سيٺ اسان کي چيو آھي ته هن کي چئجو خوامخواه نانگن جي ٻرن ۾ هٿ نه وجهي اسان بااثر آھيون ۽ اسان کي ڪجھ به نه ڪري سگهندو، وڌيڪ هن ان موقعي تي دانهيندي چيو ته مان سنڌ پريس ڪلب دادو جو جنرل سيڪريٽري ۽ روزاني ڊيلي وطن ڪراچي جو تعلقا رپورٽر به آھيان ۽ مون کي به هنن ڊيلرن ناهي بخشيو ته پوء غريب مسڪين هارين سان ته وڏو ظلم ڪندا هوندا هن وڌيڪ زراعت کاتي ڊي سي دادو ۽ ٻين اختيارين کي اپيل ڪئي ته هن ڊيلر خلاف ايڪشن کڻي ڪارروائي ڪئي وڃي نه ته اسان سنڌ ليول تي احتجاج ڪنداسين.

Read Previous

نيب احسن اقبال خلاف ڪرپشن ريفرنس احتساب عدالت ۾ داخل ڪري ڇڏيو

Read Next

قاضي احمد : ڳوٺ انب جوڻيجو واسي مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي

Most Popular