قاضي احمد : ڳوٺ انب جوڻيجو واسي مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي

قاضي احمد رپورٽ علي نواز جتوئ  قاضي احمد ويجهو  2 ڏھاڙا اڳ  ڪچي واري علائقي  جي پوليس ٿاڻي ڪشور پور جي حد ۾ واقع ڳوٺ انب جوڻيجو ۾ ڳوٺاڻي غلام سرور ڪلهوڙو  جي گھر اندر داخل ٿي ڪري مبينا طور عورت  کي اغوا ڪرڻ جي الزام هيٺ ھٿيارن سميت گرفتار ڪري پوليس حوالي ڪيل ٻن جوابدارن منظور عرف ڪارو ڪلھوڙو ۽ غلام عباس ڀنڊ مٿان سندن وٽان مبينا طور ھٿ آيل خودڪار هٿيارن جو ڪيس داخل نه ٿيڻ ۽ ٻن ڏينهن جي گذرڻ باوجود مذڪوره ڪيس ۾ جوابدارن جي  گرفتاري ظاھر نه ڪرڻ واري عمل خلاف ڳوٺ انب جوڻيجو جي رهواسي ڳوٺاڻن غلام سرور ڪلهوڙو ,محمد قاسم ڪلهوڙو ,علي اصغر ڪلهوڙو ۽ سلطان ڪلهوڙو جي اڳواڻي ۾ وڏي ۾ شامل ماڻھن ٽائرن کي باھيون ڏئي نعري بازي ڪندي احتجاج ڪيو آھي  احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن دانهيندي  الزام هنيو آھي ته ڪشور پور پوليس بااثر ڌرين جي دٻاءُ تي ڳوٺاڻن پاران هٿيارن سميت پڪڙي ڏنل جوابدارن مٿان 13 ڊي هٿيار رکڻ جا قلم لاڳو ڪري ڪيس داخل نه پيو ڪيو وڃي  جوابدار ڌر موت مار ڌمڪيون ڏئي رهي آھي احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن ميڊيا اڳيان دانهيندي  چيو آھي ته پوليس ڌر بڻجي جوابدارن کي ڪيس مان آزاد ڪرڻ ٿي چاهي هٿيارن سميت پڪڙي پوليس حوالي ڪيل جوابدارن مٿان داخل ڪيل ڪيس ۾ سندن جي گرفتار پڻ ظاهر نه پئي ڪئي وڃي  هنن آء جي پوليس سنڌ ,ڊي آء جي بينظيرآباد ,ايس ايس پي نواب شاھ سميت ٻين وس وارن کان تحفظ جي گهر ڪندي مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي سزا ڏئي انصاف فراهم ڪيو وڃي

Read Previous

ميھڙ ڳوٺ رحم علي کوسو واسي شبير کوسو سنڌ پريس ڪلب ميهڙ پهچي ميهڙ جي مشهور ڀاڻ ڊيلر مير محمد شيخ خلاف احتجاج ڪندي

Read Next

ڳوٺ نيو جتوئي جا رهواسي پوليس جي زيادتين ۽ ڦر ٿيل ڪار واپس نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي

Most Popular