ڳوٺ نيو جتوئي جا رهواسي پوليس جي زيادتين ۽ ڦر ٿيل ڪار واپس نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي

نوشهروفيروز:   ڳوٺ نيو جتوئي جا رهواسي امتياز کوسو، ذوالفقار کوسو، وسيم علي عمراڻي نوشهروفيروز پوليس جي زيادتين ۽ ڦر ٿيل ڪار واپس نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب نوشهروفيروز ۾ پريس ڪانفرنس ۽ احتجاجي مظاهرو ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته لڳ ڀڳ 20 ڏينهن اڳ نئين الٽو ڪار تي ڊرائيور وسيم علي عمراڻي مورو کان نوشهروفيروز اچي رهيو هو ته پوليس وردي پهريل 6 جوابدار سمندر چانڊيو، ديدار ميرجت، علي دوست بروهي، بابر شيخ، نديم شيخ، ساجن عرف ڪالو اوڍو چيڪنگ بهاني هٿيارن جي زور تي کين يرغمال بڻائي ڪار سميت اغوا ڪري لاڙڪاڻي پل ويجهو ڊرائيور کي ڇڏي فرار ٿي ويا. اسان اهڙي ايف آءِ آر نوشهروفيروز ٿاڻي تي مٿين جوابدارن خلاف داخل ڪرائي. هنن چيو ته ايس ايڇ او عبدالرسول ٻگهيو، ڊي ايس پي اعجاز ميمڻ، سي آءِ اي انچارج يار محمد رند اسان کي آسرو ڏنو ۽ چيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ خرچ ڏيو ته توهان جي گاڏي بازياب ڪرائينداسين. هنن وڌيڪ چيو ته نوشهروفيروز پوليس ڪجهه ڏينهن اڳ حيدرآباد مان ساڳين جوابدارن کي ساڳي واردات ۾ استعمال ٿيل ڪلٽڪس ڪار ۽ هٿيارن سميت گرفتار ڪري نوشهروفيروز کڻي آئي جنهن جو چوڻ آهي ته جوابدار سڄي سنڌ اندر قتل ۽ ٻين وارداتن  ۾ ملوث رهيا آهن. هنن چيو ته جوابدارن مٿان ايف آءِ آر نوشهروفيروز ٿاڻي تي داخل هجڻ باوجود انهن کي ڀرياسٽي ٿاڻي تي رکيو ويو ۽  گذريل رات ايس پي الطاف لغاري، ڊي ايس پي اعجاز ميمڻ ۽ ايس ايڇ او نوشهروفيروز لکين رپيا رشوت وٺي کين هٿ سان ڀڄائي ڇڏيو آهي فرار ٿيل جوابدارن مان اسان کي جان جو خطرو آهي. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي شهيد بينظيرآباد سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته هٿ سان فرار ڪرايل جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان جي ڦر ٿيل نئين الٽو ڪار واپس ڪرائي ڏني وڃي نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

Read Previous

قاضي احمد : ڳوٺ انب جوڻيجو واسي مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي

Read Next

مٽياري شگر مل نه صرف شهر جي نوجوانن پر آسپاس جي هزارين نوجوانن کي روزگار مهيا ڪيو آهي .. سيد جنيد اڪبر شاھ جي ايم شگر مل مٽیاري

Most Popular