مٽياري شگر مل نه صرف شهر جي نوجوانن پر آسپاس جي هزارين نوجوانن کي روزگار مهيا ڪيو آهي .. سيد جنيد اڪبر شاھ جي ايم شگر مل مٽیاري

مٽياري شوگر ملز توڙي ان سان لاڳاپيل ٻيا ادارا هتان جي بيروزگار نوجوانن جي روزگار اهم ذريعو بڻجي چڪا آهن مٽياري شگر مل نه صرف شهر جي نوجوانن پر آسپاس جي هزارين نوجوانن کي روزگار مهيا ڪيو آهي .. سيد جنيد اڪبر شاھ جي ايم شگر مل مٽیاري  تفصيل موجب مٽياري شگر مل جي جنرل مئنيجر سيد جنيد اڪبر شاھ جو چوڻ آهي ته مٽياري شگر مل علائقي جي بيروزگارن جي روزگار جو وسيلو بڻيل آهي ھن چيو ته ڪمند پوکڻ سان آبادگارن کي ٻڌو پئسو ملي ٿو جنھن سان آبادگارن کي فائدو ملي ٿو شگر مل سبب ھتان جا ھزارین نوجوان مختلف طریقن سان روزگار ڪري پنهنجي ٻچن جو پيٽ پاري رهيا آهن جڏهن ته شگر مل سان لاڳاپيل ٻيا به ڪيترائي منصوبا آهن جن ۾ پڻ مقامي ماڻهو روزگار سان لڳي ويا آهن هن چيو ته سردار سيد ذوالفقار علي شاه ڄاموٽ ۽ شوگر ملز مٽياري جو مينيجنگ ڊائريڪٽر سيد شفقت علي شاه ڄاموٽ بغير ڪنهن اقتدار جي پنهنجي علائقي جي ترقي لاء جاکوڙ ڪئي آهي هن چيو ته ڄاموٽ خاندان اڃا به هتان جي ماڻهن لاء گهڻو ڪجه ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو ان عمل سان وڌيڪ ماڻهن کي روزگار ملي سگھندو مٽياري ھيلٿ سروس ھن وقت سنڌ جي وڏي اسپتال بڻجي چڪي آهي جنھن مان پوري سنڌ جا ماڻهو فائدو حاصل ڪري رهيا آهن جيڪا جديد مشينري اسان جي اسپتال ۾ موجود آهي اھا صرف ڪراچي۾ ملي ٿي اسان مناسب فيس مقرر ڪئي آھي ته جيئن ماڻهو ڪراچي جهڙي وڏي شهر ۾ تڪليفون برداشت ڪرڻ بجاءِ پنهنجي گھر ۾ ئي بھترين علاج ڪرائي سگھن ھن چيو ته  مٽياري شگر مل ھن دفعي به هميشه جيان سڄي ملڪ کان اڳ ۾ چمني ٻاري پنهنجو منفرد  ريڪارڊ قائم رکيو آھي

Read Previous

ڳوٺ نيو جتوئي جا رهواسي پوليس جي زيادتين ۽ ڦر ٿيل ڪار واپس نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي

Read Next

ٽائون ڪميٽي ڪنڌرا وارڊ نمبر چار محلا گلاب جي گهر ۾ رکيل ڪاٺين کي اوچتو باھ، ڪنٽرول ڪري وڏي نقصان کان بچايو ويو

Most Popular