سکر: سکر ميونسپل ڪارپوريشن جي نااهلي ۽ لاپروائي سبب شهر گندگي جي ڍيرن، نالين ۽ گٽرن جو پاڻي روڊن تي نڪرڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهي

سکر(رپورٽر) سکر ميونسپل ڪارپوريشن ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي جي نااهلي ۽ لاپروائي سبب شهر گندگي جي ڍيرن، نالين ۽ گٽرن جو پاڻي روڊن تي نڪرڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهي ان حوالي سان سکر جي شهرين جو چوڻ آهي ته سکر شهر سنڌ جو ٽيون ۽ ڪاروباري لحاظ سان ٻيو وڏو شهر آهي جنهن کي سکر انتظاميا، سکر ميونسپل ڪارپوريشن، پبلڪ هيلٿ کاتي جي نااهل آفيسرن گندگي جي ڍيرن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي شهر جي اڪثر علائقن ۾ گندگي جا ڍير لڳل هوندا آهن جڏهن ته مختلف هنڌن تي نالين ۽ گٽرن جو پاڻي روڊ تي نڪرڻ سبب شهرين کي سخت مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن جڏهن ته اهڙي صورتحال ۾ شهر اندر مختلف بيماريون به ڪڙ کڻڻ لڳيون آهن پر سکر ميونسپل ڪارپوريشن ۽ پبلڪ هيلٿ کاتو پنهنجي ذميواري کي نڀائڻ بدران آرام ڪرڻ ۾ مصروف عمل آهن ۽ شهر جو بيڙو غرق ٿيندو پيو وڃي هنن اعليٰ اختيارين کان ٻنهي کاتن جي آفيسرن ۽ عملدارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.

Read Previous

تعليم کاتي جي نااهلي سبب پرائمري اسڪول ڏانورو ۾ استادن جي کوٽ 20 سالن کان برقرار، 300 شاگرد تعليم جي زيور کان محروم بڻيل

Read Next

وزيراعظم عمران خان جي افغان صدر اشرف غني سان ملاقات، افغان مفاهمتي عمل تي ڳالهيون

Most Popular