ڪراچي ۾ 25 سالن کانپوءِ سرڪلر ريلوي بحال

FEDERAL MINISTER FOR RAILWAYS, SHEIKH RASHID AHMAD WAVING HANDS DURING THE INAUGURAL CEREMONY OF KCR TRAIN SERVICE AT KARACHI ON NOVEMBER 19, 2020

ڪراچي ريلوي واري وزير شيخ رشيد ڪراچي ۾ سرڪلر ريلوي جو افتتاح ڪري ڇڏيو، هاڻ شهري 25 ورهين کانپوءِ سرڪلر ٽرين تي سفر ڪري سگهندا.ڪراچي سرڪلر ريلوي ٽريڪ مڪمل نه ٿيڻ سبب رڳو 46 ڪلو ميٽر ٽريڪ تي سٽي اسٽيشن کان پپري (گهاري ڀرسان) تائين هلائي ويندي، ڦاٽڪ ۽ ٽريڪ سميت ڪيترن ئي هنڌن جي ابتر صورتحال ۽ تياريون وقت تي مڪمل نه ٿيڻ سبب 21 مان رڳو 13 اسٽيشنز تي ٽرين سروس فراهم ڪئي ويندي.ڪراچي سرڪلر ريلوي ٽرين جو ڀاڙو 50 رپيا هوندو، جڏهن ته رفتار 35 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ مَس هوندي.سٽي اسٽيشن کان اورنگي اسٽيشن تائين 14 ڪلو ميٽر ٽريڪ جي غير فعال هجڻ سبب ڪراچي سرڪلر ريلوي کي في الحال پپري يارڊ کان ڪراچي سٽي تائين (ڪُل 21 اسٽيشنز مان رڳو 13 اسٽيشنز وچ ۾) ئي هلايو پيو وڃي.باقي 8 اسٽيشنز وچ ۾ ڪٿي حددخليون ته ڪٿي انڊر پاس ۽ اوور هيڊ برج ضروري آهي، جنهن لاءِ رهيل 14 ڪلو ميٽر ٽريڪ تي 15 کان 30 ڊسمبر تائين سرڪلر ٽرين هلائڻ جي نئين تاريخ ڏني وئي آهي.سرڪلر ريلوي ٽرين جي انجڻ موڙڻ جو ڪو انتظام نه هجڻ سبب هڪ انجڻ ٽريڪ کي ڇِڪي ايندي ته ٻي ان کي واپس آڻيندي.اختيارين موجب سرڪلر ٽرين 46 ڪلو ميٽرن جو فاصلو ڏيڍ ڪلاڪ ۾ طئي ڪندي، ڪراچي سرڪلر ريلوي خساري جو سودو آهي، ان جا آپريشنل خرچ به پورا نه ٿيندا پر سپريم ڪورٽ جو ٿورو ته سرڪلر ريلوي 6 مهينن جي جدوجهد کانپوءِ اڻ پوري ئي سهي پر بحال ٿي رهي آهي.

Read Previous

پنجاب جي ڇهن وڏن شهرن ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو

Read Next

اسلام آباد ۾ ويٺل حڪومت هڪ مهيني جي مهمان آهي: بلاول ڀٽو

Most Popular