پنجاب جي ڇهن وڏن شهرن ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو

لاهور:    پنجاب جي 6 وڏن شهرن ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب پنجاب حڪومت  ڪورونا جي ٻئي لهر دوران وڌيڪ ڪيس سامهون اچڻ تي 6 شهرن ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪري ڇڏيو آهي.  صحت واري صوبائي سيڪريٽري محمد  عثمان موجب پنجاب جي لاهور، راولپنڊي، سرگودها، بهاولپور، بهکر ۽ ملتان ۾ هڪ دفعو ٻيهر لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي.  جيڪو 28 نومبر تائين جاري رهندو. صحت واري سيڪريٽري موجب لاڪ ڊائون وڌيڪ ڪورونا ڪيسن وارن علائقن ۾ لڳايو ويو آهي. جتي شاپنگ مالز، هوٽلون، نجي ۽ سرڪاري آفيسون بند رهنديون. جڏهن ته ان علائقن ۾ ماڻهن جي چرپر محدود ۽ هر قسم جي اجتماع تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.  لاهور جي جن علائقن ۾ لاڪ ڊائون ڪيو ويو آهي ان ۾ ويلنشيا ٽائون بلاڪ ايف ون، پيراگون سٽي، جوهر ٽائون، سپرنٽينڊنٽ هائوس، پنجاب يونيورسٽي، ڊي ايڇ اي فيز ٿري ۽ فور ۽ گلبرگ جا ڪجهه علائقا شامل آهن. سرگودها جي پاڙي قاسم پارڪ ۽ سيٽلائٽ ٽائون جي ڪيترن ئي علائقن ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي. ملتان ۾ جليل آباد، ريلوي روڊ، گلگشت ڪالوني، خان وليج هائوسنگ سوسائٽي ۽ گارڊن ٽائون ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي.  راولپنڊي ۾ سيڪٽر سي، فيز 1 ڊي ايڇ اي، گلشن آباد، اسٽريٽ 10 حالي روڊ، بلاڪ بي 4، علامه اقبال اسٽريٽ، مسلم ٽائون ۽ فيز 3 بحريه ٽائون ۾ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي. بهکر ۾ گلشن مدينه ۽ خورشيد شاهه پاڙي کي بند ڪيو ويو آهي جڏهن ته بهاولپور ۾ پوسٽ گريجوئيٽ ڪاليج بغداد روڊ، هاشمي گارڊن، ٽائون اي ماڊل ٽائون، سيٽلائيٽ ٽائون ۽ ٻيا علائقا شامل آهن.

Read Previous

وزيراعظم عمران خان جي افغان صدر اشرف غني سان ملاقات، افغان مفاهمتي عمل تي ڳالهيون

Read Next

ڪراچي ۾ 25 سالن کانپوءِ سرڪلر ريلوي بحال

Most Popular