اسلام آباد ۾ ويٺل حڪومت هڪ مهيني جي مهمان آهي: بلاول ڀٽو

گلگت:   پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسلام آباد ۾ ويٺل حڪومت جنوري تائين جي مهمان آهي. پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان گلگت بلتستان جو ڪيس عوام جي سامهون کڻي وينداسين. گلگت ۾ خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته گلگت بلتستان جي عوام سڀني کان وڌيڪ پيپلز پارٽي سان گڏ آهي. اليڪشن ۾ واضح اڪثريت اسان جو ساٿ ڏنو. عوام ووٽ جي تحفظ جي جدوجهد تائين اسان سان گڏ رهي. اليڪشن ڪمشنر ٽي وي تي چئي رهيو آهي ته چونڊون صاف شفاف ٿيون آهن. اليڪشن ڪمشنر اسان جي اميدوار کي به اليڪشن مهم جو حصو بنجڻ نه ڏنو. اسان  پهرين ڏينهن کان چئي رهيا آهيون ته هي اليڪشن ڪميشن ناهي پر پي ٽي آءِ جو اليڪشن ونگ آهي. آر ٽي ايس جو بهانو به ناهي پر خبر ناهي ڇو اسان کي فائنل رزلٽ ڏيڻ ۾ دير ڇو پئي ڪئي وڃي.  هن چيو ته تحريڪ انصاف وارا هر آزاد اميدوار وٽ وڃي اهو چئي رهيا آهن ته تون وڏو وزير بڻجندي. پي ٽي آءِ ۾ شموليت اختيار ڪري وٺ. هي اڃان تائين اهو فيصلو ناهن ڪري سگهيا ته گلگت جو وڏو وزير ڪير بڻجندو.

Read Previous

ڪراچي ۾ 25 سالن کانپوءِ سرڪلر ريلوي بحال

Read Next

آمريڪا ۾ ڪورونا جا وار جاري، فوتين جو انگ اڍائي لک کان وڌي ويو، نيويارڪ جا اسڪول ٻيهر بند

Most Popular