آمريڪا ۾ ڪورونا جا وار جاري، فوتين جو انگ اڍائي لک کان وڌي ويو، نيويارڪ جا اسڪول ٻيهر بند

نيويارڪ:   آمريڪا ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو انگ اڍائي لک کان  به مٿي ٿي ويو آهي جڏهن ته ڪورونا جي لهر ۾ تيزي کان پوءِ نيويارڪ ۾ اسڪولن کي هڪ دفعو ٻيهر بند ڪيو ويو.  پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب نيويارڪ جي ميئر شهر جا اسڪول بند ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ڪورونا جي نئين لهر کي پکڙجڻ کان روڪڻ جي لاءِ اسڪولن کي بند ڪيو پيو وڃي. نيويارڪ جي ميئر اسڪول بند ڪرڻ واري فيصلي کي تڪليف ڏيندڙ قرار ڏيندي چيو ته هڪ دفعو ٻيهر ملڪ جو سڀني کان وڏو اسڪولنگ سسٽم واپس بند ٿي ويو آهي.  هڪ پريس ڪانفرنس جي دوران نيويارڪ جي ميئر ڊي بلاسيو جو چوڻ هو ته ان حوالي سان منصوبه بندي ڪئي پئي وڃي. جيئن ڪورونا ڪيسن جي شرح گهٽ ٿئي ته جيتري جلدي ٿي سگهيو ڪلاسن ۾ تعليمي سرگرمين طرف واپس اينداسين. ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ ميئر نيويارڪ چيو ته نيويارڪ ۾ 7 ڏينهن جي دوران ڪورونا پازيٽو اچڻ جي شرح 3 سيڪڙو تائين پهتي آهي جنهن سبب بدقسمتي سان اسڪولن کي سڀاڻي کان ئي بند ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اسان هڪ دفعو ٻيهر ڪورونا سان وڙهڻ وڃي رهيا آهيون ۽ اسان  هن جو مقابلو ضرور ڪنداسين هي هڪ رڪاوٽ آهي پر اسان هن تي جلد کان جلد ڪنٽرول ڪري وٺنداسين. هوڏانهن آمريڪا ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو انگ اڍائي لک کان به مٿي ٿي ويو آهي. جڏهن ته برازيل ۾ فوتين جو انگ  هڪ لک 66 هزار کان وڌيڪ، ڀارت ۾ هڪ لک 31 هزار ۽ ميڪسيڪو ۾ تقريبن هڪ لک آهي. آمريڪا سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس سڀڀ سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪ آهي جتي گذريل ڏينهن روزاني هڪ هزار فوتگيون ۽ ڏيڍ لک ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. آمريڪا ۾ ڪورونا ڪيسن جو گڏيل انگ 11 لک کان به مٿي ٿي ويو آهي.

Read Previous

اسلام آباد ۾ ويٺل حڪومت هڪ مهيني جي مهمان آهي: بلاول ڀٽو

Read Next

هالينڊ جي مشهور ڪڪ باڪسر روبي جيسيا اسلام قبول ڪري ورتو

Most Popular