هالينڊ جي مشهور ڪڪ باڪسر روبي جيسيا اسلام قبول ڪري ورتو

نيدرلينڊ:”دي ٽائيسن ليڊي“ جي نالي سان مشهور ڪڪ باڪسر روبي جيسيا ميسو اسلام قبول ڪري ورتو آهي، هيءَ خبر هن پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي ڏني. ڪڪ باڪسر روبي جيسيا جو تعلق هالينڊ سان آهي، اسلام قبول ڪرڻ کان اڳ هن جو تعلق مسيحي مذهب هو، ڪجهه سالن کان هن اسلام بابت ڄاڻڻ شروع ڪيو، اسلامي تعليم هن کي ايتري قدر متاثر ڪيو جو هن آخر باضابطه طور تي اسلام ۾ داخل ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو. روبي جيسيا هالينڊ جي مسجد ۾ گواهن اڳيان ڪلمه شهادت ادا ڪيو ۽ ان سلسلي جي دستاويزن تي صحيحون ڪيو، هن اسلام قبول ڪرڻ بابت خبر سندس انسٽاگرام اڪائونٽ تي ڏني بعد ۾ ان پوسٽ کي هٽايو ويو. روبي جيسيا پاران اسلام قبول ڪرڻ بابت خبر سوشل ميڊيا تي ڦهلجي وئي ۽ ڪيترن ئي ٽوئيٽر اڪائونٽس ان خبر کي ري ٽوئيٽ ڪيو، ۽ هن جي اسلام ۾ داخل ٿيڻ جي خوشخبري شيئر ڪندا رهيا، هن جي حق ۾ دعا ڪئي ته خدا هن جي رهنمائي ڪري.

Read Previous

آمريڪا ۾ ڪورونا جا وار جاري، فوتين جو انگ اڍائي لک کان وڌي ويو، نيويارڪ جا اسڪول ٻيهر بند

Read Next

”ففتي ففٽي“ ۾ ماڻهن جي چپن تي مرڪون سجائيندڙ سينئر اداڪار ماجد جهانگير شديد بيمار

Most Popular