سيد غلام حيدر شاھ قلندري.
دنيا ۾ ضد ۽ انائيت جي فلاسافي عجيب ھوندي آھي، ھو پنھنجي مفاد کي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي حريفن لاءِ وجهه ۽ رستا تلاش ڪندا رھن ٿا، جنهن جو ڪنھن فطرت سان واسطو ناھي، فقط پنهنجي حريف کي نقصان پھچائڻ ئي ان جو مقصد ھوندو آھي، نوان نوان شوق وري نوان نوان ضد، ڪنوارا جذبا دل فريب ته ھوندا ئي آھن مٿان وري ڪاوڙون ۽ حسد وڌيڪ رونقون بخشي ڇڏي ٿو، ھڪ اھڙي ناداني واري انائيت جي تڙپ جيڪا سڪون کي تباھ ڪري ڇڏي ٿي پر ان جو زھر سڄي معاشري ۾ وبا جي صورت ۾ پکيڙڻ جو ڪارڻ بڻجي ٿي، لوٽو ساڻ ھجي پاڻي جي پرواهه ناھي ڳولي وٺبو، من ڪٿي ڪو ڄاڻو سڃاڻو ملي بس مھمان ٿيڻو آھي ۽ سڃاڻپ ڪڍائڻي آھي، ۽ روئڻ سان ريجھن ته روئڻو به آهي اھو ھڪ وڏو ڍونگ سکڻو پوندو آهي، اھو واحد ھٿيار آھي مظلوم ٿي مفادن لاءِ جاکوڙڻ، ڪنھن اڳي ڌر کي ترس ڏيارڻ وڏو ڪم آھي ماڻھو به گھرجن پيا، ڪري ورتا، ڪو ڪنھن جو ڌڪاريل، ڪو ڪٿان نڪتل، ڪو وري تماشي، ڪو شھرت جو متلاشي، ڪو دولت جو ديوانو، ڪنھن وٽ فقيري ٺڳيءَ جي، ڪنھن کي ڳالھائڻ جو شوق، مطلب ته چنڊو چنڊي کي ھٿ ڪري وٺندو آھي اھو ھڪ فطري عمل آھي، ائين ھڪ عطائي ٽولو ٺھيو وڃي، بس اھڙو عمل گھڻو جٽاءُ نه ڪندو آھي، ڇو ته ضد جي عمر گھٽ ھوندي آھي، چون ٿا ته، نئين ڪنوار نَوَ ڏينھن، اھڙي اھڙي بہ ڏهه ڏينھن، ڇڪي تاڻي تيرنھن ڏينھن. بس ڪٿي اھڙا ضدي ھٿ چڙھن ته مٺيون ڀيڙي ڀڄڻ ۾ عافيت آهي.