خيرپور : شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي پاڪستان اسٽڊيز شعبي ۾ پي ايڇ ڊي اوپن ڊيفنس سيمينار وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو جي صدارت ۾ منعقد ٿيو.

خيرپور (ڊر) شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي  پاڪستان اسٽڊيز شعبي ۾ پي ايڇ ڊي اوپن ڊيفنس سيمينار وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو جي صدارت ۾ منعقد ٿيو. محقق عنايت الله ڀٽي اسسٽنٽ پروفيسر پاڪستان اسٽڊيز شعبو پنهنجي تحقيق پاڪ چين اقتصادي راهداري (سي پيڪ) کي دهشتگردي جي خطرن جي تناظر ۾ هڪ جائزو جي عنوان تي پروفيسر ڊاڪٽر امداد حسين سهتو ڊين فيڪلٽي آف سوشل سائنسز جي رهنمائي ۾ سرانجام ڏني.  ان موقعي تي عنايت الله ڀٽي چيو ته سي پيڪ خطي جي تقدير بدليندو. هن وڏي منصوبي جي لاڳت 62 بلين آمريڪي ڊالرز آهي. هن پروجيڪٽ جي ذريعي پاڪستان، چين ۽ ٻين ملڪن جي درميان تجارت کي هٿي ملندي. ان موقعي تي صدارتي خطاب ڪندي پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو چيو ته پاڪستان جي ڏکڻ ايشيا ۾ مضبوط جيو اسٽراٽيجڪ پوزيشن آهي. هن چيو ته خطي جي امن، ترقي ۽ خوشحالي کي دهشتگردي جو خطرو درپيش آهي. هن چيو ته ون بيلٽ ون روڊ ذريعي ملڪن جي درميان آزادانه تجارت ٿيندي ۽ لاڳاپيل وسيلا استعمال ٿيندا. ڊاڪٽر خليل ابوپوٽو ڊين فيڪلٽي آف سوشل سائنسز کي تجويز ڏني ته يونيورسٽي اندر سي پيڪ سينٽر قائم ڪرڻ لاءِ پي سي ون تيار ڪئي وڃي انشا الله ڊونرز جي مدد سان هي خواب پايا تڪميل تي پهچندو. هن چيو ته اسان ڏينهن رات يونيورسٽي جي ترقي ۽ بهتري لاءِ پرعزم آهيون. پروفيسر ڊاڪٽر امداد حسين سهتو خطاب ڪندي چيو ته موجوده وائيس چانسلر يونيورسٽي ۾ تحقيقي ڪلچر کي فروغ ڏيڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي. هن چيو ته سي پيڪ جي سلامتي لاءِ پراثر قدم کنيا وڃن. پروفيسر ڊاڪٽر آفتاب احمد گيلاني چيئرمين پاڪستان اسٽڊيز شعبو اسلاميه يونيورسٽي بهاولپور ۽ ڊاڪٽر فاروق احمد پروفيسر پاڪستان اسٽڊيز شعبو بهائوالدين ذڪريا يونيورسٽي ملتان پڻ محقق جي ڪم جي تعريف ڪئي هن چيو ته محقق جو ڪم سي پيڪ لاءِ ڪارائتو ثابت ٿيندو. سيمينار جي ڪاروائي پروفيسر ڊاڪٽر تجنيس پيرزاده ڊائريڪٽر پوسٽ گريجويٽ اسٽڊيز سرانجام ڏني. جڏهن ته ڊاڪٽر نويد احمد شيخ ڊائريڪٽر ڪوالٽي انهانسمنٽ سيل، مريد حسين ابوپوٽو رجسٽرار استادن جي وڏي انگ سيمينار ۾ شرڪت ڪئي. اوپن ڊيفينس سيمينار کي ڪامياب قرار ڏنو ويو.

Read Previous

سجاول: الطاف جسڪاڻي جي قتل خلاف شهر مڪمل بند

Read Next

ووٽ رجسٽريشن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر خيرپور پاران اهميت بابت هڪ سيمينار منعقد ڪيو

Most Popular