سجاول: الطاف جسڪاڻي جي قتل خلاف شهر مڪمل بند

سجاول: (رپوٽ:عتيق الرحمان کتري)سجاول سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ترقي پسند پارٽي جي وائيس چئير مين الطاف جسڪاڻي جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي، ۽ قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ سجاول ضلعي جي شھرن جاتي،جوھڙجمالي،سجاول،ميرپوربٺورو،دڙو سميت آس پاس وارن شھرن ۾ شٽربند ھڙتال ڪئي وئي.ايس ٽي پي جي سڏ تي ضلعي سجاول جا تمام ڪاروباري مرڪز بند رھيا.ايس ٽي پي پاراناحتجاجي ريلي ڪڍي وئي.ايس ٽي پي سجاول جي اڳواڻ ممتاز لغاري جو چوڻ ھو ته سنڌ ترقي پسند پارٽي جي وائس چئرمين جي قتل جي مذمت ڪريون ٿا.الطاف جسڪاڻي جو قتل سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو ھر طرح جي سازش سنڌي ماڻهن جي خلاف آ اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. اسان حڪومت کي اپيل ٿا ڪيون ته الطاف جسڪاڻي جا قاتل گرفتار ڪيا وڃن.ٻئي صورت ۾ ايس ٽي پي پاران پوري سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو.ھوڏانھن جي يو آئي سجاول پاران ايس ٽي پي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي تي حملو ڪري کيس شھيد ڪرڻ جي مذمت ڪئي وئي

Read Previous

چونڊ اصطلاحات بهتر قدم

Read Next

خيرپور : شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي پاڪستان اسٽڊيز شعبي ۾ پي ايڇ ڊي اوپن ڊيفنس سيمينار وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو جي صدارت ۾ منعقد ٿيو.

Most Popular