ووٽ رجسٽريشن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر خيرپور پاران اهميت بابت هڪ سيمينار منعقد ڪيو

خيرپور (ڊر) ووٽ رجسٽريشن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر خيرپور پاران گورنمينٽ سپرئير سائنس  ڪاليج خيرپور ۾ ووٽ رجسٽريشن جي اهميت بابت هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر ظهير احمد سهتو ، صدر وومين ايسوسيئيشن خيرپور ايڊووڪيٽ خالده رياض، معذورن بابت سماجي تنظيم جي انصر سنڌو ۽ بسوا جي خالد ميراڻي سميت وڏي تعداد ۾ ڪاليج جي عملي ۽ شاگردن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر ظهير احمد سهتو خطاب ڪندي چيو ته ووٽ رجسٽريشن متعلق سيمينار منعقد ڪرڻ جو بنيادي مقصد نوجوانن ۾ ووٽ جي اهميت بابت سجاڳي پيدا ڪرڻ آهي ڇو ته اڄ جا نوجوان مستقبل جا معمار آهن انڪري شاگردن کي گهرجي ته هو پنهنجي علائقن جي اٻوجهه ماڻهن کي ووٽ جي اهميت بابت آگاهي فراهم ڪن ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهو پنهنجا ووٽ رجسٽرد ڪرائي سگهن. هن چيو ته جيڪڏهن نوجوان ووٽ جي اهميت ۽ جمهوري عمل کي سمجهي ويندا ته معاشري ۾ بهتري ايندي اهڙي ريت ملڪ ۾ جمهوريت مضبوط ٿيندي. هن ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي ڪمپيوٽرائزڊ نظام تحت موبائل ذريعي پنهنجو شناختي ڪارڊ نمبر 8300 تي موڪلي ووٽ جي رجسٽريشن متعلق سمورا تفصيل حاصل ڪري سگهجن ٿا. سيمينار کي خطاب ڪندي ايڊووڪيٽ خالده رياض چيو ته معاشري کي تبديل ڪرڻ لاءِ نوجوان اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا کين گهرجي ته هو ذميوار شهري جو ثبوت ڏيندي پنهنجي خاندان ۾ موجود عورتن کي ووٽ جي اهميت بابت آگاه ڪن ۽ سندن ووٽ رجسٽرڊ ڪرائن ته جيئن عورتون به پنهنجو قومي فرض ادا ڪري سگهن. ان موقعي تي بسوا جي خالد ميراڻي ڳالهائيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن جي ڀرپور تعاون سان خيرپور جي ٻهراڙين وارن علائقن ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جا شناختي ڪارڊ ٺهرائي کين ووٽ جي اهميت بابت آگاهي ڏني وئي آهي. ان موقعي تي انصر سنڌو ڳالهائيندي چيو ته سندن تنظيم ڪوشش ڪري رهي آهي ته معذورن جا وڌ کان وڌ شناختي ڪارڊ ٺهرائي ووٽرجسٽرڊ ڪرايا وڃن ته جيئن کين ووٽ ڏيڻ جو حق ملي سگهي.

Read Previous

خيرپور : شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي پاڪستان اسٽڊيز شعبي ۾ پي ايڇ ڊي اوپن ڊيفنس سيمينار وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو جي صدارت ۾ منعقد ٿيو.

Read Next

دادو شاھپور جھانيان شھر جي نوجوان ناري عنايت خاتون ٻگھيو پنھنجي ويجھي عزيز ڀان سيد آباد جي رھواسي محبوب علي ٻگھيو سان پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو

Most Popular