سکر: سنڌ ۾ بدامني عروج تي آھي ڏوهارين کان سياسي اڳواڻ به محفوظ ناهن : اڳواڻ

سکر(رپورٽ۔امداد علي گل ڪلوڙ) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي نائب صدر الطاف جسڪاڻي جي قاتلن جي عدم گرفتاري خلاف ايس ٽي پي جي ضلعي سکر پاران عبدالواحد کوسو۔نومي سنڌي۔وحيد کوسو جي اڳواڻي ۾ سکر پريس ڪلب ٻاهران ٻاهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاهرين جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر هئا جن مٿان مطالبن جي حق ۾ نعرا لکيل هئا ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ بدامني عروج تي آھي ڏوهارين کان سياسي اڳواڻ به محفوظ ناهن ايس ٽي پي جي وائيس چيئر مين الطاف  جسڪاڻي جو بي رحماڻو قتل اسان  لاء وڏي ڏک جي گھڙي آھي سنڌ جا جائز حق گهرڻ تان انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي اڳواڻن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته الطاف جسڪاڻي جي قتل ۾ ملوث قاتلن کي جلد کان جلد قانون جي جڪڙ ۾ آڻي  مقتول جي وارثن ۽ ايس ٽي پي ڪارڪنن کي انصاف ۽تحفظ ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ انصاف ملڻ تائين پر امن احتجاج جاري رهندو۔

Read Previous

ٻيلي کاتي جي ملي ڀڳت سان ٺٽ جاگير ٻيلي سميت سڄي تعلقي جي ٻيلن تي ڊي ايف او جي مدد سان بااثرن جا قبضا سوين ايڪڙن تي مشتمل ٻيلا تباھ اختيارين کي نوٽيس وٺڻ گھرجي

Read Next

مٽياري : اوڏيرولال کان قيصر سينهڙو روڊ جي مرمت جو ڪم ٺيڪيدارن پاران اڌ ۾ ڇڏي فرار

Most Popular