ٻيلي کاتي جي ملي ڀڳت سان ٺٽ جاگير ٻيلي سميت سڄي تعلقي جي ٻيلن تي ڊي ايف او جي مدد سان بااثرن جا قبضا سوين ايڪڙن تي مشتمل ٻيلا تباھ اختيارين کي نوٽيس وٺڻ گھرجي

قاضي احمد رپورٽ علي نواز جتوئي) ٻيلي کاتي جي ملي ڀڳت سان ٺٽ جاگير ٻيلي سميت سڄي تعلقي جي ٻيلن تي ڊي ايف او جي مدد سان بااثرن جا قبضا سوين ايڪڙن تي مشتمل ٻيلا تباھ اختيارين کي نوٽيس وٺڻ  گھرجي. تفصيل موجب ڳوٺ عبدالڪريم ڀٽو ڳوٺ انب جوڻيجو ڳوٺ ڪشور پور سميت مختلف ڳوٺن جي رهواسين ۽ ايس يو پي ٽائون قاضي احمد پاران محمد بچل ڀٽو سنط ڀٽو قاسم جوڻيجو ميرل اوٺو قاسم ڪلهوڙو ايس يو پي اڳواڻ سائل لاکو الطاف لاکو جي اڳواڻي ۾ سرد هوٽل کان پريس ڪلب قاضي احمد تائين احتجاجي ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪري ٻيلي کاتي جي راشي آفيسرن خلاف سخت نعري بازي ڪئي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ضلع شهيد بينظير آباد جي رينجن  قاضي احمد ۾ موجود ٺٽ جاگير ٻيلو جيڪو لڳ ڀڳ ست سو نوي ايڪڙن تي مشتمل آهي، فاريسٽ کاتي جي ملازمن جي ملي ڀڳت سان ڪٽي ڪاٺ وڪرو ڪري مقامي بااثر ماڻهن کي ليز تي ڏنو ويو آهي، اهوئي سبب آهي جو اڄ ٻيلي کاتي جا عملدار ڪک پتي مان ڪروڙ پتي بڻجي ويا آهن ياد رهي ته ڪجھ وقت اڳ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي آرڊر تحت ٻيھر ٻيلو بحال ڪيو ويو هيو مگر ان تي عمل ٿيڻ بجاء ڪجھ بااثر قبضا مافيا ٻيلي کاتي وارن کي ڳري رشوت ڏيئي ڪچن وڻن کي ڪٽي پاڙئون ختم ڪري ٺٽ جاگير ٻيلي کي مڪمل طور تباھ ڪيو پيو وڃي، اهڙي عمل خلاف مظاهرين چيف جسٽس پاڪستان، چيف جسٽس ھاء ڪورٽ سنڌ، وزيراعليٰ ء چيف سيڪريٽري سنڌ، ٻيلي کاتي جي وزير ء سيڪريٽري سميت ٻين وس وارن کي پرزور مطالبو ڪيو آهي ته ٺٽ جاگير ٻيلو بچائي ماحولياتي گدلاڻ ختم ڪئي وڃي ٻي صورت م سخت احتجاج ڪيو ويندو.

Read Previous

نوشهروفيروز: جمعيت علماءِ اسلام ضلع نوشهروفيروز پاران 26 نومبر تي لاڙڪاڻي ۾ ٿيندڙ شهيد اسلام ڪانفرنس جي حوالي سان موٽرسائيڪل جاڳرتا مهم ريلي ڪڍي وئي

Read Next

سکر: سنڌ ۾ بدامني عروج تي آھي ڏوهارين کان سياسي اڳواڻ به محفوظ ناهن : اڳواڻ

Most Popular