نيب آمدن کان وڌيڪ ريفرنس ڪيس ۾ خورشيد شاهه سميت 18 جوابدارن تي ھڪ ارب 23 ڪروڙ روپين ڪرپشن جو ريفرنس ڪيس داخل ڪيو آھي

سکر :(رپورٽ .امداد علي گل ڪلوڙ ) خورشيد احمد شاهه آمدن کان وڌيڪ اثاثا ريفرنس ڪيس جي ٻڌڻي ٿي آھي  ، پي پي ايم اين اي خورشيد احمد شاهه کي اين آئي سي وي ڊي اسپتال کان ايمبلونس جي ذريعي سکر جي احتساب عدالت ۾ آندو ويو ، احتساب عدالت جي جج فريد انور قاضي ريفرنس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ،  آمدن کان وڌيڪ اثاثا ريفرنس ڪيس ۾ نامزد ڪجھ جوابدار پيش نه ٿيڻ سبب عدالت  ٻڌڻي 30 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آھي ، ريفرنس ڪيس ۾ نامزد صوبائي وزير اويس قادر شاھ جو باء جنيد شاھ پھريون بيرو عدالت ۾ عبوري ضمانت بعد پيش ٿيو ، نيب آمدن کان وڌيڪ ريفرنس ڪيس ۾ خورشيد شاهه سميت 18 جوابدارن تي ھڪ ارب 23 ڪروڙ روپين ڪرپشن جو ريفرنس ڪيس داخل ڪيو آھي ، صوبائي وزير اويس قادر شاھ ، ايم پي اي فرخ شاھ ، اڪرم پٺاڻ سيمت ٻيا جوابدار شامل آھن ، ان موقعي تي عدالت ٻاھريان پي پي ايم اين اي خورشيد احمد شاھ ميڊيا سان مختصر ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته مونتي سياسي ڪيس داخل ڪيا ويا آھن ،مونکي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي ، منھنجو ڪيس اوپن ڪري اعلي عدالت ۾ ھلايو وڃي ، ميڊيا کي به ڪوريج جي اجازت ڏني وڃي ، مونتي قبضن جا ڪيس داخل ڪيا ويا آھن جڏھن ته مان قبضا مافين کان قبضا ڇڏرائي اتي ادارا قائم ڪيا،  مان سياسي ڪارڪن آھيان ، مونکي اعلي عدالتن تي  پورو يقين آھي مونسان انصاف ضرور ٿيندو، خورشيد احمد شاھ چيو ته وزير اعظم گلگت سيمت ٻين جاين تي  پاڻ چار جلسا ڪيا باقي ھاڻي ڪرونا جو سبب ڄاڻائي ٻين تي پابندي مڙهي رھيو آھي ، خورشيد شاھ چيو ته  گلگت جي عوام  پي ٽي آئي کي رد ڪيو ، پي ٽي آئي ڌانڌلي ڪري رات جي انڌيري ۾ نتيجا تبديل ڪرايا ، ھن چيو ته حڪومت نيب ذريعي اپوزيشن کي انتقام جو نشانو بڻائي پئي , پيپلز پارٽي حڪومتي دور ۾ ڪنھن بہ سياسي انتقام جو نشانو نه بڻايو ,اھڙي روايت قائم ٿيڻ سان ملڪ جو ئي نقصان ٿي رھيو آھي ،  ڪنھن کي به بنا ثبوتن جي گرفتار نه ڪيو وڃي ، پوري جاچ ٿيڻ گھرجي ، ملڪ ھن وقت مھانگائي جي سونامي ۾ لڙھي رھيو آھي ، موجوداحڪومت جي ڪن تي جوءِ به نٿي چري ، عوام پي ٽي آئي حڪومت مان تنگ ٿي چڪو آھي ،

Read Previous

مٽياري : اوڏيرولال کان قيصر سينهڙو روڊ جي مرمت جو ڪم ٺيڪيدارن پاران اڌ ۾ ڇڏي فرار

Read Next

گلگت بلتستان ۾ اليڪشن آزاد اميدوارن کٽي آهي: شيخ رشيد

Most Popular