گلگت بلتستان ۾ اليڪشن آزاد اميدوارن کٽي آهي: شيخ رشيد

لاهور: ريلوي جي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته گلگت ۾ اليڪشن آزاد اميدوارن کٽي آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو آهي ته گلگت ۾ اليڪشن آزاد اميدوارن کٽي آهي ڇو ته ووٽ بينڪ جي حساب سان به آزاد اميدوارن کٽيو آهي. هن چيو ته هي قوم کي بند گلي ۾ وٺي وڃي رهيا آهن، نوازشرف ۽ مريم نواز بيان ڏئي عمران خان جي خدمت ڪئي آهي، اميد آهي سياست جو جنازو نه نڪرندو. شيخ رسيد چيو ته خدا اپوزيشن کي عقل ڏئي ۽ هو ڳالهين لاءِ راضي ٿين، ڳالهيون ۽ ڊائيلاگ جو سلسلو شروع ٿيندو، حڪومت سميت ۽ حڪومت سان، انهن الهين جي ڪهڙي حيثيت آهي جنهن ۾ حڪومت نه هوندي. ريلوي جي وزير وڌيڪ چيو ته نيب ۽ اين آر او ڪيسن کان هٽي عمران خان هر ڪنهن سان ڳالهين لاءِ تيار آهي، جڏهن سياسي ماڻهو سياسي ماڻهن سان ناهن ڪندا ته سياست جو جنازو نڪرندو آهي ۽ مونکي اميد آهي ته هن ملڪ ۾ سياست جو جنازو نه نڪرندو. 

Read Previous

نيب آمدن کان وڌيڪ ريفرنس ڪيس ۾ خورشيد شاهه سميت 18 جوابدارن تي ھڪ ارب 23 ڪروڙ روپين ڪرپشن جو ريفرنس ڪيس داخل ڪيو آھي

Read Next

ايل ڊي اي پلاٽس ڪيس: ويهن سالن کانپوءِ نوزاشريف خلاف نيب انڪوائري مڪمل

Most Popular