فلسطين جو اسرائيل سميت امارات ۽ بحرين سان لاڳاپا بحال ڪرڻ جو اعلان

بيت المقدس: فلسطيني صدر محمود عباس اسرائيل سان 6 مهينن کان معطل رابطا بحال ڪرڻ جو اعلان ڪندي متحده عرب امارات ۽ بحرين مان گهرايل پنهنجن سفيرن کي واپس موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي. عالمي خابرو اداري موجب فلسطين 6 مهينن کان اولهه جي ڪناري واري علائقي کي ضم ڪرڻ جي منصوبي خلاف اسرائيل سان لاڳاپا ختم ڪري ڇڏيا هئا جڏهن ته اسرائيل سان سفارتي ۽ واپاري لاڳاپا بحال ڪندڙ عرب ملڪن يو اي اي ۽ بحرين مان پنهنجن سفيرن کي احتجاج طور واپس گهرايو هو پر هاڻ فلسطين پنهنجن فيصلن تي نظرثاني ڪري رهيو آهي. فلسطيني صدر محمود عباس ميڊيا بريفنگ دوران اسرائيل سان لاڳاپا بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ عرب امارات ۽ بحرين ۾ پنهنجن سفيرن کي واپس موڪلڻ جو پڻ اعلان ڪيو آهي جڏهن ته پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو ممڪن طور تي اسرائيل جي دوري ڪاڻ تل ابيب پهچي رهيو آهي. 

Read Previous

وينا مونکي گُم ڪرائڻ جي ڌمڪي ڏني آهي: اسد خٽڪ

Read Next

اسڪواڊ نيوز لينڊ جي دوري لاءِ پرجوش آهي: بابراعظم

Most Popular