اسڪواڊ نيوز لينڊ جي دوري لاءِ پرجوش آهي: بابراعظم

بابر اعظم

لاهور:پاڪستان ٽيم جي ڪپتان بابراعظم چيو آهي ته اسڪواڊ نيوزيلينڊ جي دوري لاءِ پرجوش آهي، ٽيم تي اعتماد آهي ته نيوز لينڊ ۾ ڪارڪردگي سٺي هوندي. قومي اسڪواڊ 23 نومبر تي صبح جو نيوزي لينڊ لاءِ رواني ٿيندي، اسڪواڊ 35 رانديگر ۽ 20 آفيشلز تي ٻڌل آهي، اسڪواڊ ۾ پاڪستان شاهينز جا رانديگر ۽ آفيشلز به شامل آهن. لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بابراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان ٽيم بيڪ ٽو بيڪ سيريز کيڏندي رهي آهي، انگلينڊ کانپوءِ زمبابوي جي خلاف سيريز ۽ پوءِ پاڪستان سپر ليگ جي ميچ کيڏيا، ان ڪري رانديگرن تي اعتماد آهي ته نيوزي لينڊ ۾ سٺو کيڏندي ۽ ان جي لاءِ پرجوش آهي.

Read Previous

فلسطين جو اسرائيل سميت امارات ۽ بحرين سان لاڳاپا بحال ڪرڻ جو اعلان

Read Next

قاضي احمد شھر ۽ آس پاس جي علائقن ۾ دڪانن مان چوري روز معمول بڻجي ويو دڪاندار پريشان پوليس انتظاميان اگھور ننڊ ۾ دڪاندار پاڻ چوڪي ڏيڻ لڳا

Most Popular