وينا مونکي گُم ڪرائڻ جي ڌمڪي ڏني آهي: اسد خٽڪ

ڪراچي:پاڪستاني اداڪاره ۽ ميزبان وينا ملڪ جي اڳوڻي مڙس دعويٰ ڪئي آهي ته وينا کيس گم ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي. وينا جي اڳوڻي مڙس دعويٰ ڪئي آهي ته دبئي ۾ منهنجي ٻارن سان نامعلوم ماڻهو رهندا هئا ۽ منهنجي ٻارن کي غيرقانوني طور تي پاڪستان ڪيئن موڪليو ويو، جلد پنڊوراباڪس کوليندس. ياد رهي ته اداڪاره وينا ملڪ ۽ سندس اڳوڻي مڙس اسد ختڪ ۾ ٻارن سان ملاقات جي حوالي سان لفظي جنگ هلي رهي آهي ۽ گذريل ڏينهن به اسد ختڪ پنهنجي ٽوئيٽس ۾ اداڪاره تي الزام هنيا هئا. اسد خٽڪ اداڪاره وينا جي مبينا آڊيو ڪال جي ريڪارڊنگ به ٽوئيٽ ڪئي هئي جنهن ۾ هوءَ سنگين قسم جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي.

Read Previous

افغان امن عمل آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي: شاهه محمود قريشي

Read Next

فلسطين جو اسرائيل سميت امارات ۽ بحرين سان لاڳاپا بحال ڪرڻ جو اعلان

Most Popular