قاضي احمد شھر ۽ آس پاس جي علائقن ۾ دڪانن مان چوري روز معمول بڻجي ويو دڪاندار پريشان پوليس انتظاميان اگھور ننڊ ۾ دڪاندار پاڻ چوڪي ڏيڻ لڳا

قاضي احمد رپورٽ  :  قاضي احمد شھر ۽ آس پاس جي علائقن ۾ دڪانن  مان چوري روز معمول بڻجي ويو دڪاندار  پريشان پوليس انتظاميان اگھور ننڊ ۾  دڪاندار پاڻ چوڪي ڏيڻ لڳا شھر جا چوڪيدار به پريشان    رات دير سان قاضي احمد لڳ جوڻا موري اسٽاپ تي پوليس چوڪي ڀرسان چورن پاران 5 دڪانن جا تالا ٽوڙي لکين روپين جي چوري ڪري فرار  قاضي احمد لڳ جوڻاموري اسٽاپ تي نامعلوم چور رسول بخش چانڊيو,  منير مھر ,امداد ڪٻر ,عبيد الله پڃارو ۽ خالد ڪھيري دڪانن جا چور تالا ٽوڙي وڏي ماليت جو سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا . دوڪاندارن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته پوليس چوڪي به دڪانن جي ڀرسان آهي ۽ چوڪيدار به مقرر آهي پوء به چورن پارن  پنجن دوڪانن جا تالا ٽوڙي ڪيش رقم سان گڏ قيمتي سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا آهن جنھن ۾ اسان جو دڪانن ۾ پيل لکين روپين روپين جو قيمتي سامان ۽ ڪيش رقم نا معلوم چور چوري ڪري فرار ٿي ويا ـ اسان  سنڌ حڪومت , آئي جي سنڌ , ڊي آئي جي شھيد بينظير آباد, ايس ايس پي شھيد بينظير آباد,  ڊي ايس پي قاضي احمد ۽ ايس ايڇ او قاضي احمد کان مطالبو ٿا ڪيون ته چورن کي جلد کان جلد گرفتار ڪري  اسان سان انصاف ڪيو وڃي ـ

Read Previous

اسڪواڊ نيوز لينڊ جي دوري لاءِ پرجوش آهي: بابراعظم

Read Next

دادو ۾ زرعي ڀاڻ ۽ ٻج نقلي وڪامڻ لڳو، زراعت کاتي جي ٽيم جا پاڇا، 40 سيمپل نقلي نڪتا، ٻن واپارين خلاف ڪيس داخل

Most Popular