سکر: سوئي گئس جي هٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف شهري رستن تي نڪري آيا ھٿن ۾ ٿانو ۽ چلھا۔سبزيون کڻي واري تڙ روڊ تي انوکو احتجاج

سکر (رپورٽ۔امداد علي گل ڪلوڙ) سوئي گئس جي هٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف شهري رستن تي نڪري آيا ۔ ھٿن ۾ ٿانو ۽ چلھا۔سبزيون  کڻي واري تڙ روڊ تي انوکو احتجاجي مظاهرو  ڪيو مظاهري ۾ شامل شھرين گئس انتضاميه خلاف ڇتي نعري بازي ڪئي مظاهري جي   اڳواڻي  ڪندڙ  نصير گوپانگ ۔وقار علي سومرو ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته سوئي سدرن گئس ڪمپني سکر  ۔انتضاميا جي نااھلي ۽ گئس چوري کي لڪائڻ لاء شھر ۾ روزانو گئس جي ڪييترائي ڪلاڪ  لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي ، جنھن سبب گھر ۾ کاڌو  پچائڻ ۾ سخت ڏکيائيون پيش اچي رھيون آھن جڏهن ته ٻار اسڪول به  نيرن بغير  وڃڻ تي مجبور آھن ھنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن گئس جي لوڊشيڊنگ کي  ختم نه ڪيو  ويو ته  ٻي صورت ۾ سوئي سدرن گئس ڪمپني سکر جي آفيس جو گھيراء  ڪرڻ تي مجبور ٿي وينداسين

Read Previous

تلھار ۾ 4 ڏينھن به گئس جي لوڊ شيڊنگ ۽ گھٽ پريشر خلاف شھرين پاران بک ھڙتال جي ڪئمپ لڳائي وئي

Read Next

پاڪستان ۾ روڊ حادثن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ موٽر وي پوليس پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي ته جيئن روڊ حادثن کان قيمتي جانين کي بچائي سگهجي ؛اڳواڻ

Most Popular