پاڪستان ۾ روڊ حادثن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ موٽر وي پوليس پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي ته جيئن روڊ حادثن کان قيمتي جانين کي بچائي سگهجي ؛اڳواڻ

سکر (رپورٽ۔امداد علي گل ڪلوڙ) آءِ جي موٽر وي  ڊاڪٽر سيد ڪليم امام، ايڊيشنل آءِ جي سائوٿ ريجن ڊاڪٽر آفتاب احمد پٺاڻ ۽ ڊي آءِ جي موٽر وي سنڌ غلام سرور ڀيو جي خصوصي هدايتن تي موٽر وي پوليس سکر جي موبائل ايجوڪيشن جي آفيسرن ڊي ايس پي هيڊڪواٽر موٽر وي سکر خالد محمود نوا زجي نگرانيءَ  هيٺ سکر سيڪٽر جي سرڪاري ۽ خانگي تعليمي ادارن ۾ روڊ حادثن کان بچاءَ ۽ ٽريفڪ قانون تي عمل ڪرڻ لاءِ مختلف ليڪچر ۽ روڊ سيفٽي جي حوالي سان  آگاهي پروگرام منعقد ڪيا پيا وڃن، ان ڏس ۾ خانگي اسڪول ۾ليڪچر دوران موبائل ايجوڪيشن جي آفيسرن انسپيڪٽر صلاح الدين، انسپيڪٽر محمد پرويز ۽ سب انسپيڪٽر سرفراز خان  روڊ حادثن کان بچاءَ ۽ ٽريفڪ قانون بابت ٻارن کي اهم معلومات ڏني. ان  موقعي تي موٽر وي پوليس جي آفيسرن شاگردن ۽ شاگردياڻين کي حڪومت طرفان ڪرونا وائرس کان بچاءَ  لاءِ جاري ڪيل احتياطي اُپائن جنهن ۾ ماسڪ پائڻ، سينيٽائزر  جو استعمال ۽  سماجي فاصلي بابت ليڪچر ڏنو ، جنهن کي ٻارن  تمام دلچسپي سان ٻڌو. ٻارن کي اهو به ٻڌايو ويو ته دنيا ۾ دهشتگردي سان ايتريون جانيون زيان ناهن ٿيون، جيتريون روڊ حادثن  ۾  ٿينديون آهن،جنهن جو مک ڪارڻ  غفلت سان ڊرائيونگ ۽ ٽريفڪ قانون تي عمل نه ڪرڻ آهي، پاڪستان ۾ روڊ حادثن تي  ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ موٽر وي پوليس پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي ته جيئن روڊ حادثن کان قيمتي جانين کي بچائي سگهجي. ليڪچر جي پڄاڻيءَ تي روڊ سيفٽي  بابت ٻارن کان مختلف سوال پڻ ڪيا ويا، درست جواب ڏيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ انعام ورهايا ويا. تقريب جي پڄاڻيءَ تي شاگردن ۽ شاگردياڻين  جو چوڻ هو ته ليڪچر ذريعي ڏنل معلومات  تي سختي سان عمل ڪري پنهنجي  ۽ ٻين جي زندگين کي  روڊ حادثن کان بچائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو ويندو

Read Previous

سکر: سوئي گئس جي هٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف شهري رستن تي نڪري آيا ھٿن ۾ ٿانو ۽ چلھا۔سبزيون کڻي واري تڙ روڊ تي انوکو احتجاج

Read Next

روهڙي : ڇوھارا مارڪيٽ جي رھواسڻ عورت مائٽن سان گڏ ڏيرن ۽ روھڙي پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج

Most Popular