پي ڊي ايم وارا غيرذميواراڻي سياست پيا ڪن، لاڪ ڊائون جي ذميوار اپوزيشن هوندي: وزيراعظم

عمران خان

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ مڪمل لاڪ ڊائون جو اشارو ڏيندي چيو آهي ته پي ڊي ايم جلسا ڪري عوام جون حياتيون خطري ۾ وجهي رهي آهي.  ڪيس ائين ئي وڌندا رهيا ته لاڪ ڊائون ڪرڻ تي مجبور ٿي وينداسين ۽ نتيجن جي ذميواري پي ڊي ايم مٿان هوندي. پي ڊي ايم غير ذميواراڻي واري سياست ڪري عوام جي تحفظ سان کيڏي رهي آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي ٻئي لهر ڳڻتي جوڳي آهي. گذريل 15 ڏينهن ۾ وينٽي ليٽرز تي ڪورونا جي مريضن جي انگ ۾ واڌ ٿي آهي. پشاور ۽ ملتان ۾ وينٽي ليٽرز تي مريضن جي انگ ۾ 200 سيڪڙو واڌ ٿي. ڪراچي 148، لاهور 114، اسلام آباد ۾ 65 سيڪڙو مريض وينٽي ليٽر تي آهن.  وزيراعظم ٻڌايو ته اسلام آباد ۽ ملتان ۾ وينٽي ليٽر جو  استعمال 70 سيڪڙو آهي. پشاور ۽ ملتان ۾ وينٽي ليٽرز تي مريضن جي انگ ۾ 200 سيڪڙو تائين واڌ ٿي آهي. اسد عمر چيو ته سياسي اڳواڻن لاءِ اهو پيغام آهي ته ڪورونا مان خطرو ناهي پر عوام جي حياتين کي خطرو آهي. انتهائي ضروري آهي ته قوم گڏ ٿي ٻيهر کان احتياطي تدبيرن تي عمل ڪري  ته جيئن صحت جي به حفاظت ٿي سگهي ۽ ماڻهن جي روزگار کي به بچائي سگهجي.  اطلاعات واري وزير شبلي فراز چيو آهي ته ڪورونا وبا دوران عوام جي حياتين کي داءُ تي لڳائڻ سياسي ظلم آهي. ڪارڪنن جي حياتين سان کيڏڻ مفاد پرست سياسي ٽولي جي ذهنيت کي بي نقاب ڪندو آهي. هن چيو ته ملڪي ادارن کي بدنام ۽ معيشت تباهه ڪندڙ هاڻ عوام جي صحت جي پويان آهن.  غيرذميوارانه رويي سبب عوامي صحت ۽ روزگار ٻئي متاثر ڪرڻ چاهين ٿا. واضح رهي ته پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي ٻئي لهر دوران به اپوزيشن طرفان سياسي جلسا ڪيا پيا وڃن. حڪومت مخالف ڌر کي سخت تنقيد جو نشانو بنائي رهي آهي.

Read Previous

اتر وزيرستان ۾ فورسز جي آپريشن دوران چار دهشتگرد مارجي ويا، هڪ جوان شهيد

Read Next

ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ ۾ تيزي، هڪ ڏينهن دوران وڌيڪ اوڻهٺ مريض حياتيون وڃائي ويٺا

Most Popular