ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ ۾ تيزي، هڪ ڏينهن دوران وڌيڪ اوڻهٺ مريض حياتيون وڃائي ويٺا

اسلام آباد: پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي ٻئي لهر وڌيڪ شدت اختيار ڪري وئي آهي ۽ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 59 فوتگيون رپورٽ ٿيون آهن جنهن سبب فوت ٿي ويلن جو گڏيل جو انگ 7 هزار 662 تائين پهچي ويو آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل تازن انگن اکرن موجب ملڪ ۾ ڪورونا جا 2 هزار 665 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا ۽ متاثر ماڻهن جو ٽوٽل انگ 3 لک 74 هزار 174 ٿي ويو آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا سبب متاثر ٿيندڙ 3 لک 29 هزار 282 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن ۽ 36 هزار 683 علاج هيٺ آهن. اسلام آباد ۾ ڪورونا ڪيسن جو انگ 26 هزار 569، خيبرپختونخواهه 44 هزار 97، سنڌ هڪ لک 62 هزار 227، پنجاب هڪ لک 14 هزار 10، بلوچستان 16 هزار 744،  آزاد ڪشمير ۾ 6 هزار ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 526 ڄڻا ڪورونا سبب متاثر ٿي چڪا آهن. ڪورونا سبب سڀني کان وڌيڪ فوتگيون پنجاب ۾ ٿيون. جتي 2 هزار 848 ڄڻا حياتيون وڃائي چڪا آهن.  سنڌ ۾ 2 هزار 816، خيبرپختونخواهه هڪ هزار 325، اسلام آباد 278، گلگت بلتستان 94، بلوچستان ۾ 161 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 140 ڄڻا حياتيون وڃائي چڪا آهن. پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي ٻئي لهر شروع ٿي چڪي آهي ۽ ان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرڻو پوندو. اين سي او سي موجب ملڪ جي 15 شهرن ۾ ڪورونا وبا تيزي سان پکڙجي رهي آهي. پاڪستان ۾ اسي سيڪڙو ڪورونا ڪيس 11 وڏن شهرن کان رپورٽ ٿيا. صوبائي حڪومتن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته بازارن، شاپنگ مالز، پبلڪ ٽرانسپورٽ، هوٽلن ۾ ايس او پيز ۽ ماسڪ کي لازمي قرار ڏين.

Read Previous

پي ڊي ايم وارا غيرذميواراڻي سياست پيا ڪن، لاڪ ڊائون جي ذميوار اپوزيشن هوندي: وزيراعظم

Read Next

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي امڙ شميم اختر لاڏاڻو ڪري وئي

Most Popular