اتر وزيرستان ۾ فورسز جي آپريشن دوران چار دهشتگرد مارجي ويا، هڪ جوان شهيد

راولپنڊي:   اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 4 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته هڪ جوان شهيد ٿي ويو. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان جي علائقي سپين وام ۾ انٽيليجنس اطلاعن جي بنياد تي گذريل رات درياءَ کيٽوک ويجهو دهشتگردن جي ڳجهي ٺڪاڻي تي ڪارروائي ڪئي.   دهشتگردن پاڻ کي فورسز جي گهيري ۾ ڏسي فائرنگ شروع ڪري ڏني. فائرنگ جي ڏي وٺ دوران اتي  موجود چارئي دهشتگرد مارجي ويا.  فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جو هڪ جوان شهيد جڏهن ته 2 زخمي به ٿي پيا. شهيد جوان صدام جي عمر 27 سال هئي ۽هو ڪرڪ جو رهواسي هو.

Read Previous

ضرورتمند ملڪن کي ڪورونا ويڪسين ڏيڻ لاءِ تيار آهيون: روس

Read Next

پي ڊي ايم وارا غيرذميواراڻي سياست پيا ڪن، لاڪ ڊائون جي ذميوار اپوزيشن هوندي: وزيراعظم

Most Popular