سيد غلام حيدر شاھ قلندري
انسان جتي اشرف المخلوق آھي ته اتي قيد بند آھي پنهنجي خواهش جي پويان، ايترو تيزيءَ سان خواھشن کي تبديل ڪندو رھي ٿو، ھڪ کي پائي پورو ڪري ٿو ته وري ٺڪ ٻي خواھش اڀريو پوي ٿي، ڊوڙي ڊوڙي زندگيءَ کي داءُ تي لڳائي مٽي ماءُ حوالي ٿي وڃي آرام ماڻي ٿو، دنيا ھن کي ھڪ پل به سڪون ۾ نٿي رھڻ ڏئي، ڪڏھن ھن جون پنهنجون خواهشون ته ڪڏهن وري گھر وارن ۽ اولاد جون خواھشون، ڪٿي وري شھرت ۽ دولت جي طلبي بعد اقتدار جو مزو ماڻڻ لاءِ ڀڄ ڊڪ، صحت جي ڪمزوري مان صحتيابي لاءِ خواھش، ڪنھن کي عشق ۽ محبت جي حاصلات واريون خواھشات، جيتوڻيڪ رات ڏينهن جي ڀڄ ڀڄان ڪڏهن ڪڏهن ٿڪائي ڇڏڻ جي صورت ۾ احساس ڏياري به ٿي پر تيستائين وقت گھڻو اڳتي نڪريو وڃي ٿو، واپسيءَ ۾ سواءِ ھٿ مھٽڻ جي ڪجھ نٿو ملي، وقت پنهنجي تيز رفتاريءَ سان گذرندو رھي ٿو، انتظار ڪنھن جو به نٿو ڪري، جيڪو بيھي رھيو ڪنھن رڪاوٽ جي ڪري اهو بيھي رھيو، وقت ۽ پاڇولو لنگھي ويو، هو فقط ڏسندو ئي رھجي ويو، آخر ۾ بس حيرت جا ٿڌڙا شوڪارا ۽ اداسيون ئي اداسيون پلي ۾ سانڍي رکڻيون پونديون، پنهنجو اولاد به ننڍپڻ جي ڪھاڻي ٻڌڻ لاءِ تيار ڪو نه ھوندو، جڏھن تون ٻڌائڻ چاهيندي ته مون ھي بنگلو، ھي ٻنيون، هيءَ جائيداد ڪھڙي مشقت سان ٺاھي آھي، مون وڏي ھوشياري سان پرائي مال سان حرام حلال جو فرق ڪرڻ بغير هي سڀ جوڙيو آهي، پر افسوس ان وقت تنھنجو پنھنجو اولاد ايڏي دنياوي مستيءَ ۾ مست ھوندو جو ان وقت ان کي تنھنجو ڪو به احساس نه ٿيندو، فقط لڙڪ ۽ پڇتاءَ کان سواءِ، وري به ان در تي اچڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نه بچندو، جڏھن سجدو به پيشاني سان ڏئي نه سگھندين، رڪوع ۽ قيام جو مزو به نه ايندي، ڪڏھن چيلھ چٻي ڪڏھن نرڙ ۾ درد، مطلب ته سون ۽ چاندي وارا سودا ته ھٿ مان نڪري ويا باقي ڪارو لوھ ڪٽيل بہ جيڪڏهن ملي پوي تڏھن به ڀلو.
اي انسان! اٿ، سجاڳ ٿي، ھي جوانيءَ اڌاري اٿئي، سڀ مستيون ۽ چالاڪيون اٽڪلون سڀ مھمان اٿئي، متان ائين نه چوڻو پوئي ته وئي سِڱن ڪاڻ، ڪَن به ڪَپائي آئي، پوءِ مٺيون ڀيڙي ڀڄڻ جو مزو نه ايندئي.