سجاول: جمعيت طلباء اسلام ضلع سجاول طرفان ميرپوربٺورو ۾ ڪنوينشن منعقد ڪيو ويو

سجاول(رپوٽ:عتيق الرحمان کتري)جمعيت طلباء اسلام ضلع سجاول طرفان ميرپوربٺورو ۾ ڪنوينشن منعقد ڪيو ويو.جنھن ۾ جي يو آئي ضلعي اڳواڻ مولانا طفيل کٽي،جي ٽي آئي ضلعي صدر حماد الله ميمڻ،يونيورسٽي ڪميٽي اڳواڻ عتيق الرحمان.مولانا اسدالله سميت سوين ماڻھن شرڪت ڪئي.ان موقعي تي اڳواڻن ڪنوينشن کي خطاب ڪندي چيو ته جمعيت طلباء اسلام ھميشه شاگردن جي حقن جي ڳاله ڪئي آھي.شاگردن سان ٿيندڙ ناانصافيون ڪنھن به صورت برداشت نه ڪنداسين.سنڌ جا تعليمي اداره کنڊرات ۾ تبديل ٿي چڪا آھن.ڪيترين ئي اسڪولن کي تالا لڳي چڪا آھن.ڪيترن اسڪولن ۾ بنيادي سھولتون نه ملي سگھيون آھن.حڪومت سنڌ تعليم لاء ڪوبه عملي ڪم نه ڪيو آھي.جي يو آئي اڳواڻ مولانا طفيل کٽي چيو ته موجوده حڪومت صرف مديني رياست جي ڳاله ڪري ٿي سکر جي مسجيدن کي شھيد ڪرائڻ ۾ حڪومت پاڪستان ملوث آھي.مولانا راشد محمود کي سلام آھي جنھن بهادري سان چيو ته اسان جي لاش مٿان گذري مسجيدن کي شھيد ڪندا اسان پنھنجي قائد راشد محمود سان گڏ ٿي مسجيدن،مدرسن،سنڌ ڌرتي جي چوڪيداري ڪنداسين.ان موقعي تي جي يو آئي اڳواڻ مولانا اصغر سوڍو،حق نواز ڀٽي ۽ ٻيا موجود ھئا.

Read Previous

مٺيون ڀيڙي ڀڄ جي ڪڙي،وئي سِڱن ڪاڻ، ڪَن به ڪَپائي آئي

Read Next

ملاح قوم جي عالمي ڏينهن تي سنڌ ملاح فورم طرفان جلسو جي ڏيک، اسان کي پاڻ ۾ ٻڌي،ڀائيچاري جو درس ڏئي ٿو

Most Popular