سڪرنڊ: ڳوٺ نئون ٻاٺو ۾ نياڻين جو پرائمري اسڪول هڪ سال کان بند هئڻ ۽ نياڻين جي تعليم خراب ٿيڻ خلافاحتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

سڪرنڊ (رپورٽ ) سڪرنڊ جي ڳوٺ نئون ٻاٺو ۾ نياڻين جو پرائمري اسڪول گذريل هڪ سال کان بند هئڻ ۽ نياڻين جي تعليم خراب ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن ۽ سڪرنڊ جي مختلف سماجي تنظيمن پاران تعليم کاتي خلاف ڳوٺ جي نيڪ مرد محمد خان گدارو جي اڳواڻيءَ ۾ قاضي سرفراز ميمڻ چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاهري کي نوجوان فلاحي فورم سڪرنڊ جي اڳواڻ انور چوهاڻ  ، مجيد عباسي ، شمشاد ملاح ، محمد خان چانڊيو پنهنجي الڳ الڳ خطاب ۾ چيو ته ڄاڻايل اسڪول ۾ 200 کان وڌيڪ نياڻيون داخل آهن جن جو مستقبل اسڪول بند هئڻ سبب داءُ تي لڳل آهي ھنن چيو ته اسڪول مان ڪي ماسترياڻيون بدلي ڪرائي ويون ته ڪي رٽائر ٿي ويون جنهن سبب اسڪول خالي ٿي چڪو آھي جڏھن ته اسڪول ۾ ماسترياڻيون مقرر ڪرڻ لاء تعليم کاتي جي انتظاميه کي درخواستون به ڏنيون آهن پر ڪوبه تدارڪ نه ٿيو آهي هنن چيو ته ڪورونا وائرس سبب گورنمينٽ پاليسي تحت شاگردياڻين کي مٿين ڪلاسن ۾ پروموٽ ڪيو ويو آهي ۽ ان پاليسيءَ جي پيش نظر پنجون پاس ڪري ويندڙ نياڻين جا پاس سرٽفڪيٽ به جاري نه ٿي سگهيا آهن جنهنڪري انهن جو سڄو سال ضايع ٿي رهيو آهي . هنن اعلٰى اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته گرلس اسڪول نئون ٻاٺو ۾ ماسترياڻيون مقرر ڪري نياڻين جي تباه ٿيندڙ مستقبل کي بچايو وڃي  ٻي صورت ۾ احتجاج جو عمل جاري رکيو ويندو  ان موقعي تي ايم اي سولنگي ، جنيد جمالي ، جنيد منگي ۽ ٻيا سياسي سماجي اڳواڻ پڻ موجود هئا .

Read Previous

ملاح قوم جي عالمي ڏينهن تي سنڌ ملاح فورم طرفان جلسو جي ڏيک، اسان کي پاڻ ۾ ٻڌي،ڀائيچاري جو درس ڏئي ٿو

Read Next

سانگهڙ بوائز هاء اسڪول ۾ تقريب… 20 گريڊ ماڻيندڙ ضلعي جي مڙني استادن کي ايوارڊ ڏنا ويا… بهترين استادن ۾ به ايوارڊ ورهايا ويا

Most Popular