ملاح قوم جي عالمي ڏينهن تي سنڌ ملاح فورم طرفان جلسو جي ڏيک، اسان کي پاڻ ۾ ٻڌي،ڀائيچاري جو درس ڏئي ٿو

سجاول : ملاح  قوم جي عالمي ڏينھن تي سنڌ ملاح فورم طرفان جلسو ڪوٺايو ويو جنھن ۾ سوين ماڻھن شرڪت ڪئي.سنڌ ملاح فورم ٺٽو ۽ سجاول ضلعي جو گڏيل پروگرام تاريخي ڌنڍ ڪينجهر تي پروگرام ڪوٺايو ويو.جنھن ۾ سنڌ ملاح فورم جي مرڪزي اڳواڻن جمن ملاح،ڏاڏا آدم گندرو،حاجي ملاح،نوراحمد ملاح،نواب روپائي،عبدالرحمان ملاح ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ھن ملڪ پاڪستان ۾ لکين ملاح برادري جا ماڻھو رھن ٿا پر انھن کي اڃا تائين انھن جا حق نٿا ڏنا وڃن.ھي ڏينھن اسان کي پاڻ ۾ ٻڌي،ڀائيچاري جو درس ڏئي ٿو.اسان پنھنجي حقن لاء گڏ ٿي ڪري جدوجھد ڪريون.ھنن چيو ته سنڌ حڪومت طرفان ملاح برادري سان واعده ڪيا آھن پر ھڪ به وفا نه ڪيو آھي.ملاح برادري جي نوجوانن کي نوڪريون ڏنيون وڃن.

Read Previous

سجاول: جمعيت طلباء اسلام ضلع سجاول طرفان ميرپوربٺورو ۾ ڪنوينشن منعقد ڪيو ويو

Read Next

سڪرنڊ: ڳوٺ نئون ٻاٺو ۾ نياڻين جو پرائمري اسڪول هڪ سال کان بند هئڻ ۽ نياڻين جي تعليم خراب ٿيڻ خلافاحتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

Most Popular