سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي وفاق جي والار سميت سنڌ جي حقن جي حاصلات لاء مڪلي کان ٺٽي تائين احتجاجي ريلي

ٺٽو(رپورٽ يارمحمد ميربحر )سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي وفاق جي والار سميت سنڌ جي حقن جي حاصلات لاء مڪلي کان ٺٽي تائين احتجاجي ريلي. عوامي رابطه تحريڪ پاران مڪلي کان ٺٽي تائين شارٽ مارچ ۽ ريلي ڪڍي ويئي، جنھن ۾ قومپرست اڳواڻن بہ شرڪت ڪئي. عوامي رابطه تحريڪ جي اڳواڻن سرور پليجو، امجد پليجو، تنزيلا خاصخيلي، قومپرست اڳواڻ نواز خان زنـئور، قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ اشرف پليجو، پورھيت مزاحمت تحريڪ جي سلمان جاکرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نڪتل ريلي ۽ مارچ کي خطاب ڪندي مقررين چيو تہ سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي هڪ آرڊيننس ذريعي وفاق پاران والار ڪرڻ ۽ سنڌ جا حق غضب ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، جنھن کي رد ڪريون ٿا، ھنن چيو تہ سنڌ کي يتيم خانو سمجهي لُٽيو ۽ ڦُريو پيو وڃي ، سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪري ساحلي پٽي ۽ ڪوهستان جي زمينن تي والار ڪئي پئي وڃي، ھنن چيو تہ سنڌ سان ٿيندڙ هر ناانصافي خلاف ڀرپور آواز اٿاريو ويندو، ھنن گھر ڪئي تہ سامونڊي ٻيٽن تي قبضي لاء جاري ڪيل آرڊيننس فوري طور واپس وٺي سنڌ کي پنهنجا جائز حق ڏياريا وڃن.

Read Previous

سانگهڙ بوائز هاء اسڪول ۾ تقريب… 20 گريڊ ماڻيندڙ ضلعي جي مڙني استادن کي ايوارڊ ڏنا ويا… بهترين استادن ۾ به ايوارڊ ورهايا ويا

Read Next

قاضي احمد : ڳوٺ ڍولڻ ملاح جي رھواسي عورتن مين روڊ تي پنھنجي برادري جي ماڻھن پاران زمين تي قبضي ڪرڻ ۽ ظلمن خلاف احتجاج ڪندي

Most Popular