قاضي احمد : ڳوٺ ڍولڻ ملاح جي رھواسي عورتن مين روڊ تي پنھنجي برادري جي ماڻھن پاران زمين تي قبضي ڪرڻ ۽ ظلمن خلاف احتجاج ڪندي

قاضي احمد رپورٽ علي نواز جتوئي ) قاضي احمد لڳ ڳوٺ ڍولڻ ملاح جي رھواسي عورتن مسمات شبيران مسمات ضميران ملاح پنھنجي معصوم ٻارڙا ساڻ ڪري   پريس ڪلب چوڪ  اڳيان مين روڊ تي پنھنجي برادري جي ماڻھن پاران زمين تي قبضي ڪرڻ ۽ ظلمن خلاف احتجاج ڪندي پاڻ کي باھ ڏئي ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي کين شھرين بچائي ورتو. ان موقعي تي مسمات ضميران ملاح ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته الھڏنو ملاح ,ساجن ملاح, علي گوھر ملاح ۽ مصطفا ملاح اسان جي 6 ايڪڙ تي قبضو ڪري ھٿياربند ٿي ڪري ويھي رھيا آھن ۽ اسان جي گھرن تي حملو ڪري صاحب ملاح کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا  ھنن چيو ته جوابدارن پوليس کي ڳري رشوت ڏئي ڪري اسان جي 2  مردن بخشل ۽ پير بخش ملاح کي گرفتار ڪرايو آھي جيڪي ٻڌل آھن ھنن چيو ته زمين به اسان جي آھي ۽ ظلم به اسان سان ڪيو پيو وڃي پوليس ڪجھ ڪرڻ لاء تيار ناھي ـ اسان  وزير اعليٰ سنڌ , آئي جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪيو ٿا ته خدارا اسان  جي مدد ڪئي وڃي  زمين تان قبضو خالي ڪرائي ڏنو وڃي ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

Read Previous

سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي وفاق جي والار سميت سنڌ جي حقن جي حاصلات لاء مڪلي کان ٺٽي تائين احتجاجي ريلي

Read Next

نوشھروفيروز: محرابپور جي شهيد صحافي عزيز ميمڻ جي مک قاتل ۽ ٻين جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف نوشھروفيروز، مورو ۾ احتجاجي مظاهرو

Most Popular