نوشھروفيروز: محرابپور جي شهيد صحافي عزيز ميمڻ جي مک قاتل ۽ ٻين جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف نوشھروفيروز، مورو ۾ احتجاجي مظاهرو

نوشھروفيروز(ڊر) محرابپور جي شهيد صحافي عزيز ميمڻ جي مک قاتل ۽ ٻين جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف نوشھروفيروز، مورو ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا۔ نوشهروفيروز ۾ مورو سکر روڊ تی ڌرٹو پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي جنهن جي اڳواڻي محمد يونس راڄپر، عطا حسين سمون، غلام مرتضي تڳر، مظھر خاصخیلی زاھد قائمخاني، محبوب ڪلھوڙو، قاسم اسراڻ، فقیر میھر بھڻ، سھیل راڄپر ۽ ٻيا ڪري رهيا هيا۔ اڳواڻن جو چوڻ هو ته افسوس جي ڳاله آھي ته ڪيترائي مهينا گذري ويا آھن پر شھيد عزيز ميمڻ جو مک قاتل مشتاق سهتو کي هن مهل تائين گرفتار ناهي ڪيو ويو۔ ان کان علاو ضلعي جاصحافي پڻ عدم تحفظ جو شڪار آھن ۽ انهن کان گاڏيون ڦر ٿيڻ سميت ٻين ناانصافين جو سلسلو هلندڙ آھي جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته نوشھروفيروز پوليس امن امان ڪرائڻ ۾ پوري طرح ناڪام ٿي چڪي آھي۔ هنن چتاء ڏيندي چيو ته جيڪڏهن شهيد عزيز ميمڻ جو مک قاتل مشتاق سهتو کي گرفتار نه ڪيو ويو ۽ صحافين سان ٿيندڙ زيادتين جو ازالو نه ڪيو ويو ته سنڌ اسيمبلي آڏو ڌرڻو هنيو ويندو۔

Read Previous

قاضي احمد : ڳوٺ ڍولڻ ملاح جي رھواسي عورتن مين روڊ تي پنھنجي برادري جي ماڻھن پاران زمين تي قبضي ڪرڻ ۽ ظلمن خلاف احتجاج ڪندي

Read Next

خيرپور جي واپڊا اسڪارپ ڪالوني جي رهواسين جو اسڪارپ ڪالوني جا گهر ڊاهڻ خلاف مين گيٽ تي احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري ورتي

Most Popular