ڪولمبو: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻو آل رائونڊر شاهد آفريدي لنڪا پريميئر ليگ (ايل پي ايل) جي فرچائيز ”گال گليڊي ايٽر“ جو ڪپتان ٿي ويو آهي. گال گليڊي ايٽرز ايونٽ ۾ پنهنجو پهريون ميچ 27 نومبر تي جافنا اسٽالينز جي خلاف کيڏندي، گال گليڊي ايٽرز سرفراز احمد جي جاءِ تي پاڪستان جي نوجوان رانديگر حسن علي جون خدمتون حاصل ڪيون آهن جڏهن ته ويسٽ انڊيز سان تعلق رکندڙ چڊوڪ والٽن کي ڏکڻ آفريقا جي ڪولن انگرام جي جاءِ تي شامل ڪيو ويو آهي، ڪولن انگرام آسٽريليا جي ليگ ”بگ بيش“ کيڏڻ ويو آهي. گال گليڊي ايٽرز جي مالڪ نديم عمر آفريدي جي ڪپتان ٿيڻ کانپوءِ خوشيءَ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هو هڪ عالمي سپر اسٽار ۽ عظيم ليڊر آهي، ان ڪري هو لنڪا پريميئر ليگ ۾ گال گليڊي ايٽرز جي ڪپتاني لاءِ بهترين چونڊ آهي، مونکي يقين آهي ته شاهد آفريدي جي تجربي جو سمورن پرڏيهي ۽ مقامي سريلنڪن رانديگرن کي فائدو ٿيندو.