پاڪستاني فلمن جي ليجنڊ اداڪار چاڪليٽي هيرو وحيد مراد کي وڇڙئي 37 سال گذري ويا

لاهور:  پاڪستاني فلمن جي ليجنڊ اداڪار ۽ چاڪليٽي هيرو وحيد مراد کي مداحن کان وڇڙئي 37 سال وهامي ويا.  مشهور  هيرو وحيد مراد 2 آڪٽوبر 1938 تي فلمساز نثار مراد جي گهر اک کولي. ڪراچي يونيورسٽي مان انگريزي ادب ۾ ايم اي يافته وحيد مراد ڪيريئر جي شروعات 1962ع ۾ ٺهندڙ فلم اولاد سان ڪئي. بطور هيرو وحيد مراد جي پهرين فلم(هيرا اور پتهر) هئي. سلور اسڪرين تي 75 هفتا لاڳيتو هلندڙ فلم ارمان وحيد مراد کي عروج تي پهچايو ۽ هو پاڪستاني فلم انڊسٽري جو پهريون باقاعده سپر اسٽار چورائيندڙ هو. هو برصغير ۾ دليپ ڪمار کان پوءِ واحد هيرو هو جنهن جي وارن جو اسٽائل ۽ ڪپڙن جي نقل ڪئي وئي.  وحيد مراد اداڪار، فلمساز ۽ بهترين اسڪرپٽ رائٽر به هو. هو پنهنجي دلڪش تاثرات، پرڪشش شخصيت، نرم آواز ۽ اداڪاري سبب غير معمولي صلاحيتن جو حامل هو جڏهن ته ڏکڻ ايشيا ۾ به کيس هڪ مشهور ۽ بااثر اداڪار سمجهيو ويندو آهي.  هڪ دور ۾ وحيد مراد هدايتڪار پرويز ملڪ، گيت نگار مسرور انور، موسيقار سهيل رعنا، گلوڪار احمد رشدي سان گڏ فلم ٺاهڻ دوران ڪاميابين جا رڪارڊ قائم ڪيا. فلمن جي  مداحن جو چوڻ هو ته وحيد مراد هڪ فرد نه پر هڪ ادارو هو.

Read Previous

اسرائيلي وزيراعظم ۽ سعودي شهزادي وچ ۾ ڳجهي ملاقات جو انڪشاف

Read Next

شاهد آفريدي لنڪا پريميئر جي ٽيم ”گال گليڊي ايٽرز“ جو ڪپتان بڻجي ويو

Most Popular