زرعي توسيع کاتي جي 88 پي ايڇ ڊي ڪندڙ فيلڊ اسسٽنٽس کي 10 سال گذري وڃڻ باوجود ترقيون نه ملڻ خلاف سکر ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

سکر( رپورٽ۔امداد علي گل ڪلوڙ) زرعي توسيع کاتي جي 88 پي ايڇ ڊي ڪندڙ فيلڊ اسسٽنٽس کي 10 سال گذري وڃڻ باوجود ترقيون نه ملڻ خلاف سکر ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،  ايگريڪلچر ايڪسٽينشن ڊپارٽمينٽ جي گريجوئيٽ فيلڊ اسٽنٽس پاران ڪالهه پروموشن نه ملڻ خلاف پريس ڪلب سکر آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن قربان سروهي، امداد سومرو، يعقوب عباسي، عبدالرحيم ۽ ٻين چيو ته ڊپارٽمينٽل نوٽيفڪيشن مطابق کاتي ۾ 5 سال سروس ڪندڙ گريجوئيٽ فيلڊ اسسٽنٽ کي ڊي پي سي ذريعي اڳين گريڊ ۾ ايگريڪلچر آفيسر طور ترقي ڏيڻ لازمي آهي پر اسان کي 10 سال گذرڻ باوجود ترقي واري حق کان محروم رکيو ويو آهي اسين زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جا پوسٽ گريجوئيٽ ۽ پي ايڇ ڊي ڊگري رکندڙ آهيون، اسين ماهوار پگهار گهٽ هجڻ ڪري معاشي پريشاني جو شڪار آهيون. اسان کي ترقي ڏيڻ بجاءِ کاتي ۾ خالي پيل ايگريڪلچر آفيسر جون 243 پوسٽون بجيٽ سميت غيرقانوني طور چائنہ ڪٽنگ ذريعي رشوت عيوض ٻئي کاتي واٽر مينيجمينٽ ۽ فورٽيئر ڪيڊر جي من پسند ملازمن جي ترقي لاء منتقل ڪيون ويون آهن جيڪو عمل سپريم ڪورٽ جي حڪم جي خلاف ورزي ۽ توهين عدالت آهي هنن چيئرمين پيپلزپارٽي بلاول ڀٽو زرداري، وڏي وزير، زرعي توسيع کاتي جي وزير، سيڪريٽري ۽ ڊائريڪٽر جنرل کي اپيل ڪئي ته ايگريڪلچر آفيسر جون 243 پوسٽون واپس ڪرائي ڊي پي سي ويهاري سمورن 88 گريجوئيٽ فيلڊ اسسٽنٽس کي پروموشن ڏياري ملازمن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

Read Previous

ڪورونا کان احتياط ۽ ايس او پيز تي عمل ڪريو ڊي شهر جي مختلف چوڪن ۽ رستن تي نڪري پيو ۽ سوين ماڻهن ۾ ماسڪ ورهائي ويا

Read Next

سکر: ملاحن جي عالمي جي ڏينهن جي موقعي تي سنڌ ملاح فورم سکر ضلعي پاران مقامي هوٽل ۾ ضلعي صدر خورشيد ميراني جي صدارت هيٺ تقريب منعقد ڪئي وئي

Most Popular