ڪورونا کان احتياط ۽ ايس او پيز تي عمل ڪريو ڊي شهر جي مختلف چوڪن ۽ رستن تي نڪري پيو ۽ سوين ماڻهن ۾ ماسڪ ورهائي ويا

نوشهروفيروز (رپورٽ توحيق احمد ميمڻ) ڪورونا کان احتياط ۽ ايس او پيز تي عمل ڪريو نوشهروفيروز ۾ ڊي ايڇ او ڊاڪٽر مظهر ڪلهوڙو پنهنجي ٽيم سان گڏ شهر جي مختلف چوڪن ۽ رستن تي نڪري پيو ۽ سوين ماڻهن ۾ ماسڪ ورهائي جاگرتا ڏني شهر جي الله واري چوڪ تي ڊاڪٽر مظهر ڪلهوڙو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪورونا جان کسيندڙ بيماري آهي جنهن ۾ ڏينهون ڏينهن تيزي ايندي پئي وڃي جيڪو عمل انتهائي بيچين ڪرڻ جهڙو آهي انهيء جي لاء شهرين توڙي ضلعي جي ننڍن وڏن ڳوٺن ۽ شهرن جي رهواسين کي اپيل ٿو ڪريان ته هو پاڻ ۽ پنهنجي پيارن کي هن بيماري کان بچائڻ لاء ماسڪ جو استعمال لازمي ڪن ڇو ته جان آهي ته جهان آهي بيماري کي مذاق سمجهڻ بدران سنجيدگي سان ان جي باري ۾ سوچيو وڃي ته جيئن ان بيماري کان بچي سگهجي ان موقعي تي ساڻس گڏ ڊاڪٽر خادم حسين منڱريو , ڊاڪٽر سڪندر ڪلهوڙو ۽ ٻيا هيلٿ ملازم  هيا

Read Previous

ن ليگ قائدين ميان نواز شريف ۔ميان شھباز شريف جي امڙ جي فوت ٿيڻ تي سوڳ سبب سنڌ ۾ اڄ کان سياسي سرگرگميون معطل رهنديون

Read Next

زرعي توسيع کاتي جي 88 پي ايڇ ڊي ڪندڙ فيلڊ اسسٽنٽس کي 10 سال گذري وڃڻ باوجود ترقيون نه ملڻ خلاف سکر ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

Most Popular