سکر : سنڌ ۾ کير جي صنعت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ملڪ پروڊيوسنگ گروپس ٺاهيا آهن: عبدالباري پتافي

سکر(رپورٽ۔امداد علي گل ڪلوڙ) سنڌ ۾ کير جي صنعت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ملڪ پروڊيوسنگ گروپس ٺاهيا آهن: عبدالباري پتافي کير مان ٺهندڙ شين جي تياري ۽ دُڪان ٺاهڻ سان پروجيڪٽ کي پائيدار بڻايو ويندو، مالوندن کي دروازن جي چانئٺ تي سهولتون مهيا ڪيون پيون وڃن، ايم پي جيز سان مالوند جهجهو ناڻو ڪمائي سگهندا صوبي ۾ غيرمعياري کير جو وڪرو روڪڻ لاءِ مڪاني ادارن ۽ خوراڪ کاتي جي سهڪار سان آپريشن ڪيو پيو وڃي، ڪنهن کي به انساني صحت سان کيڏڻ جي اجازت نه ڏني ويندي: عبدالباري خان پتافي کُليل کير صحت لاءِ بهتر آهي اُن کي هينڊلنگ جي ضرورت آهي: صوبائي وزير لائيو اسٽاڪ اينڊ فشريز عبدالباري خان پتافي جون سکر، روهڙي ۽ گمبٽ ۾ مختلف ملڪ پروڊيوسنگ گروپس ۽ ملڪ شاپس جي دوري دوران ڳالهيون خبر موجب  سنڌ جي لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتي جي وزير انجنيئر عبدالباري خان پتافي چيو آهي ته سنڌ صوبي ۾ کير جي صنعت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ملڪ پروڊيوسنگ گروپس ٺاهيا ويا آهن، جنهن سان مالوند آسودا ٿيا آهن ۽ انهن جو کير دروازن جي چانئٺ تي مناسب اگهن ۾ خريد ڪيو پيو وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار روهڙيءَ ويجهو ڳوٺ علي نواز ساوند، سکر سوسائٽي  ۽ گمبٽ جي ڳوٺ وڏا لاکا ۾ ملڪ پروڊيوسنگ گروپس جي نگراني ۾ هلندڙ چِلر ۽ ملڪ شاپس جو افتتاح ڪرڻ ۽ واڙن جي معائني کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر فيض بلوچ، ڊپٽي پي ڊي ڊاڪٽر الاهي بخش جوڳي، جاويد ميمڻ، ڊاڪٽر عبدالله سيٺار، ڊاڪٽر فريد ميمڻ سميت لائيو اسٽاڪ اينڊ فشريز جا آفيسر پڻ موجود هئا. صوبائي وزير لائيو اسٽاڪ اينڊ فشريز انجنيئر عبدالباري خان پتافي چيو ته ملڪ پروڊيوسنگ گروپس ذريعي کير مان ٺهندڙ مختلف شين جهڙوڪ ڏهي، لسي، مکڻ ۽ مائو وغيره کي هٿي وٺرائي ويندي ته جيئن هن پروجيڪٽ کي برقرار ۽ پائيدار رکي سگهجي، ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت پاران لاڳاپيل اين جي اوز جو سهڪار حاصل ڪيو ويندو. هن پروجيڪٽ سان مالوند ماڻهن کي دروازن جي چانئٺ تي جانورن جي علاج معالجي، خوراڪ ۽ ٿانوَن سميت سموريون سهولتون مهيا ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته ملڪ پروڊيوسنگ گروپس جو منصوبو سنڌ حڪومت جو ڪامياب پروگرام آهي جنهن سان مالوند جهجهو ناڻو پنهنجي دروازن جي چانئٺ تي ڪمائي سگهندا. صوبائي وزير لائيو اسٽاڪ وڌيڪ چيو ته سنڌ صوبي ۾ غيرمعياري کير جي وڪري جون شڪايتون تمام گهڻيون آهن جنهن خلاف لوڪل گورنمينٽ، خوراڪ کاتي ۽ ٻين جي سهڪار سان آپريشن ڪيو پيو وڃي، ڪنهن کي به انساني صحت سان کيڏڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته پاڪستان ۾ 80 سيڪڙو کُليل کير جو واهپو آهي اُن خلاف اجائي مهم هلائي پئي وڃي، کُليل کير صحت لاءِ بهتر آهي جڏهن ته پيڪيٽ کير ٺاهڻ ۾ ڪيميڪل وارا فارمولا استعمال ٿين ٿا جيڪي صحت لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿين ٿا، تنهن هوندي به کُليل کير واري صنعت ۾ هينڊلنگ ۽ ڇُهڻ واري عمل کي بهتر بڻائڻ لاءِ سنڌ حڪومت جوڳا قدم کڻي رهي آهي ۽ لائيو اسٽاڪ کاتي پاران اُنڪري ئي سڄي صوبي ۾ ملڪ پروڊيوسنگ گروپس ٺاهيا پيا وڃن ته جيئن کير جي صنعت کي هٿي وٺرائي سگهجي ۽ مالوند خوشحال ۽ محفوظ ڪاروبار ڪري سگهن. صوبائي وزير کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سکر ضلعي ۾ 10 ملڪ پروڊيوسنگ گروپس ٺاهڻ جو پروگرام آهي جن مان 6 مڪمل ٿي چڪا آهن، لاڙڪاڻي، گمبٽ، پڪا چانگ، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، سکر ۽ ٻين علائقن ۾ مجموعي طور 26 آئوٽ ليٽس (ملڪ شاپس) ٺاهيا ويندا جتي ايم پي جيز مان حاصل ٿيندڙ کير مان ٺهندڙ مختلف پروڊڪٽس وڪرو لاءِ رکيون وينديون، ملڪ پروڊيوسنگ گروپس جي مڪمل فنڊنگ سنڌ حڪومت پاران ڪئي پئي وڃي. هوڏانهن صوبائي وزير لائيو اسٽاڪ انجنيئر عبدالباري خان پتافي گمبٽ ويجهو ڳوٺ وڏا لاکا ۾ ملڪ چلر شاپ جو افتتاح ڪيو ۽ ملڪ پروڊيوسنگ گروپ پاران منعقد ڪيل هڪ تقريب کي پڻ خطاب ڪيو.

Read Previous

سکر: ملاحن جي عالمي جي ڏينهن جي موقعي تي سنڌ ملاح فورم سکر ضلعي پاران مقامي هوٽل ۾ ضلعي صدر خورشيد ميراني جي صدارت هيٺ تقريب منعقد ڪئي وئي

Read Next

سکر: ڪمشنر سکر ڊويزن پاران شادي هال ۽ مارڪيٽس رات 9 وڳي پابنديءَ سان بند ڪرائڻ جي هدايت

Most Popular