سکر: ڪمشنر سکر ڊويزن پاران شادي هال ۽ مارڪيٽس رات 9 وڳي پابنديءَ سان بند ڪرائڻ جي هدايت

سکر(رپورٽ۔امداد علي گل ڪلوڙ) ڪمشنر سکر ڊويزن پاران شادي هال ۽ مارڪيٽس رات 9 وڳي پابنديءَ سان بند ڪرائڻ جي هدايت سمورين آفيسن ۾ بغير ماسڪ اچ وڃ تي پابندي هوندي، آفيسر ماسڪ پهرڻ جي پابندي کي لازمي بڻائين پرائمري اسڪولن سميت سمورن تعليمي ادارن ۾ ڪورونا کان بچاءَ جي ايس او پيز تي عمل کي جاچيو وڃي ڪورونا ڪيسن جي خطرناڪ حد تائين وڌي رهي آهي اُنڪري سڀني کي گڏجي احتياطي اُپائن تي عمل ڪرڻو پوندو ايس او پيز تي عملدرآمد ۽ شادي هال توڙي بازارون بند ڪرڻ لاءِ پوليس ۽ ٻين کاتن جي نگراني ۾ ڪميٽي جوڙي ويندي: ڪمشنر سکر ڊويزن شفيق احمد مهيسر جون اجلاس ۾ هدايتون خبر موجب ڪمشنر سکر ڊويزن شفيق احمد مهيسر ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسن جي شرح ۾ واڌ کانپوءِ پنهنجي آفيس جي ڪانفرنس روم ۾ ڪورونا ايس او پيز تحت اعليٰ سطحي هنگامي اجلاس جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ ڊي آءِ جي سکر پوليس فدا حسين مستوئي، سکر، خيرپور ۽ گهوٽڪي جي ڊپٽي ڪمشنرن، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنرن، ڊي ايڇ اوز ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جا آفيسر پڻ موجود هئا. ڪمشنر سکر ڊويزن شفيق احمد مهيسر ضلعي انتظاميه ۽ پوليس کي هدايت ڪئي ته حڪومت پاران ڪورونا کان بچاءَ لاءِ اعلانيل ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرائڻ کي يقيني بڻايو وڃي، ان سلسلي ۾ شادي هالز ۽ سمورا مارڪيٽس توڙي شاپنگ سينٽرز رات 9 وڳي پابنديءَ سان بند ڪرايا وڃن ۽ خلاف ورزي ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي. هن چيو ته شادي هالز ۽ مارڪيٽس بند ڪرڻ لاءِ پوليس ۽ ضلعي انتظاميه جي نگراني ۾ گڏيل ڪميٽي جوڙي وڃي ان سلسلي ۾ واپاري تنظيمن جو سهڪار به حاصل ڪيو وڃي. ڪمشنر سکر ڊويزن پنهنجي آفيس جي عملي ۽ آفيسرن سميت ڊويزن جي هر آفيس ۾ ڪورونا کان بچاءَ لاءِ ماسڪ پهرڻ کي لازمي قرار ڏيندي هدايت ڪئي ته سمورن کاتن جا هيڊز پنهنجي آفيسن ۾ ماسڪ پهرڻ کي يقيني بڻائين ۽ نوٽيس بورڊز توڙي آفيسن جي دروازن تي ماسڪ پهرڻ بابت پمفليٽ لڳايا وڃن. هن چيو ته ڪورونا وچڙندڙ بيماري آهي اُنڪري سڀني کي احتياط ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪمشنر سکر ڊويزن شفيق احمد مهيسر چيو ته پرائمري اسڪولن سميت سمورن تعليمي ادارن ۾ ڪورونا کان بچاءَ جي ايس او پيز تي عمل کي يقيني بڻايو وڃي اسسٽنٽ ڪمشنرز پنهنجي ذميواري محسوس ڪن ۽ اسڪولن جو معائنو ڪري ايس او پيز تي عملدرآمد کي جاچيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته ڪورونا ڪيسن جي شرح خطرناڪ حد تائين وڌي رهي آهي اُنڪري سڀني کي گڏجي احتياطي اُپائن تي عمل ڪرڻو پوندو. ڪمشنر سکر ڊويزن ڊي ايڇ اوز کي هدايت ڪئي ته سول اسپتالن سميت تعلقه اسپتالن ۽ رورل هيلٿ سينٽرن ۾ ڪورونا وارڊز کي تيار رکيو وڃي ۽ اسپتالن ۾ عملي توڙي ڊاڪٽرن جي حفاظت لاءِ ماسڪ ۽ ٻيون احتياطي تدبيرن جي عمل کي يقيني بڻايو وڃي.

Read Previous

سکر : سنڌ ۾ کير جي صنعت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ملڪ پروڊيوسنگ گروپس ٺاهيا آهن: عبدالباري پتافي

Read Next

پاڪستان تحريڪ انصاف اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي اڳواڻ ديپڪ ڪمار جيراماڻي آصف ملاح عرفان شھوڪ جي اڳواڻي ۾ سينئر صحافي چيف ايڊيٽر خليل احمد قريشي جي حق ۾ احتجاج

Most Popular