پاڪستان تحريڪ انصاف اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي اڳواڻ ديپڪ ڪمار جيراماڻي آصف ملاح عرفان شھوڪ جي اڳواڻي ۾ سينئر صحافي چيف ايڊيٽر خليل احمد قريشي جي حق ۾ احتجاج

مٽياري  : پاڪستان تحريڪ انصاف اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي اڳواڻ ديپڪ ڪمار جيراماڻي آصف ملاح عرفان شھوڪ جي اڳواڻي کيبر پريس ڪلب تي دادو جي بااثر شخصیت خلاف ۽ سينئر صحافي چيف ايڊيٽر خليل احمد قريشي جي حق ۾ احتجاج ـ تفصيل موجب :-  پي ٽي آئي اسٽوڊنٽس فيڊريشن  جي اڳواڻ ديپڪ ڪمار جيراماڻي آصف ملاح عرفان شھوڪ جي اڳواڻي ۾ کيبر پريس ڪلب جي سامون دادو جي بااثر شخص جي خلاف ۽ سينئر صحافي چيف ايڊيٽر خليل احمد قريشي جي حق ۾ احتجاج ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ ھو ته خليل احمد قريشي پاران ھرڻ جي شڪار واري خبر شايع ڪرڻ تي دادو جو ھڪ بااثر مڇرجي پيو جنهن کان پوء وائيد لائف ڊپارٽمنٽ جي ڪجهه ماڻهن ۽ ھڪ دادو جي با اثر شخصيت گڏجي سنڌ جي سينئر صحافي خليل احمد قريشي مٿان ڪوڙي ايف آئ آر ڪٽائي  سڄي سنڌ جي صحافت وار ڪيو آھي پاڪستان تحريڪ انصاف ھميشھ صحافت جي عزت ڪئي آھي جيڪو صحافي ڀائرن جو حق آھي تحريڪ انصاف سنڌ جي صحافت سان گڏ ھر قدم تي گڏ آھي ان وڌيڪ چيو ته سنڌي ميڊيا سنڌ دشمن وڏيرن کي وائکو ڪيو آھي وڏيرن ھميشہ سنڌ جي عوام کي تباهه ڪيو آھي سنڌ جو ڪو غريب شڪار ڪري ھا ته سب گڏجي غريب تي ڏمرچي پون ھا پر افسوس ھتي شڪار ڪرڻ وارو دادو جي بااثر  شخصيت جو خاص ماڻھون آھي جنهن تي سب ادارا خاموش آھن اسان سب خليل احمد قريشي سان گڏ آھيون اسان وزير اعظم پاڪستان سپريم ڪورٽ آف پاڪستان وزير اعليٰ سنڌ ۽ ھائي ڪورٽ سنڌ کان مطالبو ٿا ڪيون خليل احمد قريشي مٿان ڪوڙي ايف آئي آر ختم ڪري سڀني صحافين کي اھڙن با اثر ماڻهن کان تحفظ فراھم  ڪيو وڃي

Read Previous

سکر: ڪمشنر سکر ڊويزن پاران شادي هال ۽ مارڪيٽس رات 9 وڳي پابنديءَ سان بند ڪرائڻ جي هدايت

Read Next

خيرپور : هاءِ ڪورٽ جي حڪمن تي خيرپور ۾ حددخلين خلاف آپريش تيز، ڪيترائي گهر، دوڪان، هوٽل ڇپرا ڊاهي پٽ

Most Popular