خيرپور : هاءِ ڪورٽ جي حڪمن تي خيرپور ۾ حددخلين خلاف آپريش تيز، ڪيترائي گهر، دوڪان، هوٽل ڇپرا ڊاهي پٽ

خيرپور (رپورٽ: رانجهن شيخ  ) هاءِ ڪورٽ جي حڪمن تي خيرپور ۾ حددخلين خلاف آپريش تيز، ڪيترائي گهر، دوڪان، هوٽل ڇپرا ڊاهي پٽ. خبر موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن تي خيرپور ضلعي ۾ به حددخلين خلاف خيرپور شهر، پير جو ڳوٺ کان پريالوءِ تائين ابل واهه، تنيا پل، ڳڙهي پٺاڻ، گمبٽ سميت سموري ضلعي ۾ ضلعي انتظاميا پاران آپريشن تيز ڪيو ويو آهي، جڏهن ته خيرپور جي ڳاڙهي پل کان خاڪي شاهه پل تان حددخليون هٽائڻ لاءِ آپريشن جاري آهي، ڳري مشينري ذريعي ڪيترائي گهر، دوڪان، هوٽل، ڇپرا ڊاهي پٽ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته رهواسي کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن، جنهن تي متاثرن ۾ سخت ڪاوڙ جي ڇانيل آهي، متاثرن جو چوڻ آهي ته بيگناهه اسان جا گهر ڊاهي اسان کي بي گهر ڪيو ويو آهي، سخت سردي ۾ کليل آسمان هيٺ آهيون، ٻار بيمار ٿي رهيا آهن، ڪنهن به واهر نه ڪئي آهي، جڏهن ته دوڪان مالڪن، هوٽل مالڪن جو چوڻ آهي ته اسسٽنٽ ڪمشنر خيرپور غريب ۽ مسڪينن جا هوٽل ۽ دوڪان ڊاهي رهيو آهي جڏهن ته بااثر ماڻهن کي دوڪانن ڏانهن لڙي به نه ويو آهي، ٻئي پاسي خيرپور جي علائقي گمبٽ ۾ ايريگيشن کاتي جي زمين تي قبضن خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي، ڪيترائي گهر ۽ دڪان ڊاهي پٽ ڪيا ويا، آپريشن خلاف رهواسين طرفان احتجاج پڻ ڪيو ويو، عورتون پاڪ  ڪتاب کڻي عملدارن کي گهر نه ڊاهڻ لاءِ منٿون ڪنديون رهيون. جڏهن ته خيرپور ضلعي جي ممتاز ڪالوني، فيض آباد ڪالوني، اسٽاف ڪوارٽر ڪالوني، بلڊنگس ڪالوني سميت مختلف ڪالونين جي رهواسين کي ضلعي انتظاميا پاران ٽن ڏينهن نوٽيس ڏنا ويا آهن ته اهي انڪروچمينٽ ختم ڪن، ٻي صورت ۾ آپريشن ڪري گهر، دوڪان يا ديوارو ڊاهيون وينديون. جڏهن ته انجمن تاجران خيرپور جي صدر لالا عبدالغفار شيخ چيو آهي ته خيرپور انتظاميا سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن جي انتڙ ڪاروايون ڪري شريف شهرين جا گهر ۽ دوڪان ڊاهي رهي آهي، جنهن جي سخت مذمت ڪيان ٿو، هن مطالبو ڪيو ته ٽارگيٽيڊ آپريشن جلد بند ڪيو وڃي ۽ شريف شهرين سان ٿيندڙ ناجائزي بند ڪئي وڃي. ٻئي طرف پورهيت اڳواڻ ڪامريڊ شهباز ڦلپوٽو چيو آهي ته سياسي ماڻهن جي بنگلن، گهرن، هوٽلن تي ڪيل انڪروچمينٽ انتظاميا کي نظر نٿي اچي، ٺيڙهي ڀرسان روهڙي ڪينال ۽ ميرواهه ڪينال جي وچ تي ٺيل سجاد هوٽل جيڪو سياسي ماڻهن جو هجڻ ڪري ان خلاف ڪابه ڪاروائي نٿي ڪئي وڃي.

Read Previous

پاڪستان تحريڪ انصاف اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي اڳواڻ ديپڪ ڪمار جيراماڻي آصف ملاح عرفان شھوڪ جي اڳواڻي ۾ سينئر صحافي چيف ايڊيٽر خليل احمد قريشي جي حق ۾ احتجاج

Read Next

خيرپور : اسڪارپ ڪالوني ۾ ڪرپشن ۽ انڪروچمينٽ جي نالي تي رھائشي ملازمن کي تنگ ڪرڻ خلاف ٻئي ڏينھن به بک ھڙتال جاري رکي وئي

Most Popular