آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ نيٺ جوبائيڊن انتظاميه کي اختيار منتقلي جي منظوري ڏئي ڇڏي

واشنگٽن:   آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪڙو ڍڪ ڀريندي جوبائيڊن انتظاميه کي نيٺ اختيار منتقلي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن کان پوءِ ڪيترن هفتن کان آمريڪي صدر طرفان جاري جنگ آخرڪار پنهنجي انجام تي پهچي وئي آهي. گذريل  ڏينهن جنرل سروس ايڊمنسٽريشن جي سربراهه ايملي مرفي طرفان لکيل خط ۾ نئين چونڊيل آمريڪي صدر جوبائيڊن کي آگاهه ڪيو ويو هو ته ٽرمپ انتظاميه اقتدار جي باضابطه منتقلي جوعمل شروع ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. ايملي مرفي طرفان لکيل خط  کان پوءِ هاڻ بائيڊن انتظاميه حڪومت سازي جي لاءِ لکين ڊالر حڪومتي فنڊز استعمال ڪري سگهندي. آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ ڊيموڪريٽ اميدوار جوبائيڊن کي فاتح قرار ڏيڻ جي تقريبن ٻن هفتن کان پوءِ صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي شڪست مڃڻ جي حوالي سان اهو پهريون قدم آهي. جنرل ايڊمنسٽريشن جي سربراهه ايملي مرفي جي خط موجب فيصلو بنا ڪنهن دٻاءُ يا خوف جي قانون ۽  ملندڙ حقيقتن کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي. مرفي جو چوڻ آهي ته ان فيصلي جي پٺيان مون تي وائٽ هائوس جي ايگزيڪٽو اختيارين يا پوءِ جي ايس اي ۾ ڪم ڪندڙن طرفان سڌو سنئون يا ڪنهن به قسم جو دٻاءُ نه هو ۽ ان ڳالهه جي وضاحت ضروري آهي ته منهنجي فيصلن ۾ دير جي لاءِ به مون کي ڪنهن جي طرفان ڪابه هدايت نه ڏني وئي. آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر جوبائيڊن اقتدار جي پرامن منتقلي کي سٺو سنئوڻ قرار ڏنو آهي.  ٻئي طرف  صدر ٽرمپ جو چوڻ آهي ته قانوني جنگ جاري رهندي پر انتظاميه کي چئي ڇڏيو آهي ته جنهن شيءَ جي ضرورت آهي ان کي مڪمل ڪيو وڃي. صدر ٽرمپ طرفان ڏنل منظوري تي آمريڪي ٽي وي جو چوڻ آهي ته خط صدر ٽرمپ جي شڪست مڃڻ جو پهريون قدم آهي. آمريڪي ٽي وي موجب صدر ٽرمپ اهو قدم اهڙي  وقت کنيو آهي جڏهن اهم رياست مشي گن به جوبائيڊن جي فتح جي توثيق ڪئي هئي جڏهن ته ڊونلڊ ٽرمپ جي ڪوشش هئي ته نتيجي کي روڪيو وڃي پر ائين نه ٿي سگهيو.

Read Previous

فخر زمان جو ڪورونا ٽيسٽ ناڪاري اچي ويو، ٻين ٽيسٽن مان به آجو قرار

Read Next

خوشبو ۽ محبتن جي شاعره پروين شاڪر جي اٺهٺين سالگره ملهائي پئي وڃي

Most Popular