فخر زمان جو ڪورونا ٽيسٽ ناڪاري اچي ويو، ٻين ٽيسٽن مان به آجو قرار

لاهور: قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگر فخرزمان کي ڪورونا ٽيسٽ سميت ٻيون ٽيسٽون ڪليئر اچڻ کان پوءِ گهر وڃڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. فخر زمان قومي ڪرڪيٽ اسڪواڊ جي نيوزيلينڊ رواني ٿيڻ کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ بخار ۾ مبتلا ٿيو هو جنهن کان پوءِ هو نيوزيلينڊ جي دوري کان ٻاهر ٿي ويو هو ۽ کيس آئسوليشن ۾ موڪليو ويو هو. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ(پي سي بي) موجب فخرزمان جو ڪورونا 19 ٽيسٽ ناڪاري آيو آهي.  جڏهن ته بخار سبب لاڳاپيل ڪرايل ٻيون ٽيسٽون به ڪليئر آيون آهن. سموريون ٽيسٽون ڪليئر اچڻ کان پوءِ فخرزمان کي گهر وڃڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. پي سي بي موجب فخرزمان جي طبيعت هاڻ بهتر آهي. فخر زمان جي رواني ٿيڻ کان اڳ جهڙي طرح جي طبيعت  هئي اها ٽريول گائيڊ لائنز موجب سفر ڪرڻ جي اهل نه هئي.  ياد رهي ته فخرزمان جي ڪورونا سميت ٻيون ٽيستون گذريل ڏينهن  ٿيون هيون. پاڪستان ڪرڪيٽ اسڪواڊ سومر جي صبح لاهور کان سڌو سنئون دبئي، نيوزيلينڊ روانو ٿيو هو ۽ ڊگهي سفر کان پوءِ ڪرائسٽ چرچ پهچي چڪو آهي.

Read Previous

ٻارن جو ڏينهن ملهائڻ جو مقصد سندن عزت ڪرڻ ۽ سندن حقن جي حفاظت ڪرڻ آهي:مقبول راهو

Read Next

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ نيٺ جوبائيڊن انتظاميه کي اختيار منتقلي جي منظوري ڏئي ڇڏي

Most Popular