نااهل ۽ ناڪام عمران حڪومت جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن عمران حڪومت ٻن ڏينهن جي مهمان آهي : ن ضلعي سکر جي صدر خورشيد ميراڻي

سکر(رپورٽ۔امداد علي گل ڪلوڙ) پاڪستان مسلم ليگ ن ضلعي سکر جي صدر خورشيد ميراڻي چيو آهي ته نااهل ۽ ناڪام عمران حڪومت جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن عمران حڪومت ٻن ڏينهن جي مهمان آهي، نااهل پي ٽي آءِ حڪمرانن جي ناقص پاليسين سبب اڄ ملڪ معاشي ۽ ٻين بدترين سنگين بحرانن جو شڪار آهي ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي سبب غريب عوام خودڪشي ڪرڻ تي مجبور آهي ته ٻئي پاسي غريب ۽ مظلوم عوام جو معاشي قتل عام جاري آهي هن وڌيڪ چيو ته 30 نومبر تي ملتان ۾ پي ڊيم ايم جو جلسو ٿيندو، جلسو ٿيڻ کان اڳ ئي حڪومتي مشينري جلسي کي ناڪام ڪرڻ لاءِ ناڪام ڪوششون شروع ڪري ڏنيون آهن هن چيو ته پنجاب پوليس عمران حڪومت جي چوڻ تي مسلم ليگ ن مٿان چاهي ڪيترا به ڪوڙا ڪيس ٺاهي يا ڪارڪنن کي گرفتار ڪن جلسو هر حال ۾ ٿيندو، ۽ اهو جلسو پي ٽي آءِ حڪومت جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيندو، اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان مسلم ليگ ضلعي سکر جي جنرل سيڪريٽري محمد اعظم خان، انفارميشن سيڪريٽري گل حسن کوسو، حافظ شير محمد الرو، رب نواز مري، چوڌري محمد خالد آرائين، ايڊوڪيٽ علي حيدر الرو سان ملاقات دوران ڪيو ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال سميت تنظيمي معاملن تي غور ۽ ويچار ڪيو ويو ان موقعي تي پاڪستان مسلم ليگ ن سکر ضلعي جي صدر خورشيد احمد ميراڻي جو وڌيڪ چوڻ هو ته ن ليگ جا ڪارڪنن آمر ڊڪٽيٽر جي دور ۾ به جيلون ڪٽيون آهن ۽ پي ٽي آءِ حڪومت ۾ عوام جي حقن خاطر جيڪڏهن ٻيهر جيل وڃڻو پيو ته وينداسين پر پوئتي نه هٽنداسي، هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ حڪمرانن وٽ نه ته پاڪستان کي ڏيڻ لاءِ ڪجهه آهي ۽ نه ئي وري ان ۾ رهندڙ غريب عوام کي ڏيڻ لاءِ ڪجهه بچو آهي افسوس اسان جا نااهل حڪمران سڀ ٺيڪ آهي جا نعرا لڳائي عوام کي بيوقوف بڻائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آهن پاڪستان جو عوام باشعور آهي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي يوٽرن کان سٺي طريقي سان واقف آهي خورشيد احمد ميراڻي وڌيڪ چوڻ هو ته انشاالله عوامي طاقت سان مسلم ليگ ن هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان جي ڊوڙ ڊڪ سنڀاليندو ۽ پاڪستان ۾ خوشحالي، ترقي سميت عوام کي مهانگائي، بيروزگاري کان نجات ڏياريندي.

Read Previous

سچل سامي جي سي اي او لالا ارشد خاصخيلي چيو آھي ته سڪرنڊ سدائين سورما پئدا ڪيا آھن هن شھر جو دادو لاڙڪاڻو مقابلو ڪري سگھن ٿا

Read Next

نوشهروفيروزۡ ڳوٺ مولاداد گهرن تي چڙهائي ڪري هٿيارن جي زور تي غلام نبي، محمد ياسين، محمد شريف ۽ مير محمد کي فائرنگ ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو

Most Popular