نوشهروفيروز ضلعي جي مختلف ڳوٺن جي معذورن پاران مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. احتجاج ڪندڙ مطالبن جي حل لاءِ نعره ھڻي رھيا ھئا

نوشهروفيروز (ڊ ر) نوشهروفيروز ضلعي جي مختلف ڳوٺن جي معذورن پاران مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. احتجاج ڪندڙ مطالبن جي حل لاءِ نعره ھڻي رھيا ھئا. ان موقعي تي ڳوٺ سونھري جي رھواسي اکين کان نابين نديم علي سولنڳي چيو ته سندس خاندان ۾ اکين جي پراسرار بيماري آھي جنھن سبب سندس خاندان 10 ڀاتي اکين جي نور کان محترم ٿي ويا آھن ۽ اونداھي زندگي گھارڻ تي مجبور آھن. ھن چيو ته ھو بيروزگاري سبب سخت پريشان آھن کين معذور ڪوٽا تي نوڪريون به نه ٿيون ڏنيون وڃن نه ئي وري کين معاوضا ڏنا وڃن ٿا جنھن ڪري ھو بک بدحالي جو شڪار آهن. ڳوٺ موسي راڄپر جي رھواسي معذور محمد علي راڄپر چيو ته ھو ٽنگن کان معذور آھي جنھن ڪري ھلڻ ڦرڻ کان لاچار ٿي ويو آهي ۽ سندس ٽنگن ۾ زخم ٿي ويا آھن جنھن سبب ھو عذاب ڀري زندگي بسر ڪرڻ تي مجبور آھي. ھن چيو ته کيس ويل چيئر ڏني وڃي. ڳوٺ لال بخش لنڊ جي رھواسي معذور ڀاءُ ڀيڻ زاھده ۽ حبيب الله سولنگي چيو ته سندس گھر جا ڀاتي 10 آھن جن مان اڪثر پراسرار بيماري سبب معذور آھن. کين ٽنگن ۽ ٻانھن جي ھڏين ۾ زخم ٿين ٿا جنھن ڪري ھو معذور بڻيل آهن پر کين ڪابه امداد نه ٿي ڏني وڃي. ھنن مطالبو ڪيو ته کين معاوضو ادا ڪيو وڃي.

Read Previous

پراڻا جتوئي جي رهواسي طلاق شده عورت سائره برهماڻي نوجوان نذير احمد برهماڻي سان عدالت ۾ پسند جو پرڻو

Read Next

سکر: پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سکر جي ليڊيز ونگ جو اجلاس سيد شفقت علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿي گذريو

Most Popular