مسلم ليگ(ن) شهبازشريف ۽ حمزه جي آزادي واري مدي ۾ واڌ جي درخواست ڏئي ڇڏي

لاهور:   مسلم ليگ(ن) شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پيرول تي آزادي واري مدي ۾ واڌ جي درخواست ڏئي ڇڏي آهي.  شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پيرول تي آزادي جو مدو سڀاڻي ختم ٿي رهيو آهي جنهن ۾ واڌ جي لاءِ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ عطا تارڙ طرفان  پنجاب جي گهرو وزارت کي درخواست ڏني وئي آهي.  عطا تارڙ درخواست ۾ چيو ته ڪيترائي ماڻهو آهن جيڪي بيگم شميم اختر جي لاڏاڻي تي شهباز شريف ۽ حمزه شهباز سان ڏک  ونڊڻ  ۽ تعزيت جي لاءِ اچڻ چاهين ٿا ان ڪري انهن جي پيرول ۾ واڌ ڪئي وڃي.  پنجاب جي گهرو وزارت شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي جمعي 27 نومبر تي 5 ڏينهن جي لاءِ پيرول تي آزاد ڪيو هو. انهن جي آزادي جو مدو اڄ پهرين ڊسمبر تائين آهي. نواز ۽ شهباز شريف جي امڙ  22 نومبر تي لنڊن ۾ لاڏاڻو ڪري وئي هئي.  ٻئي طرف پنجاب جي وڏي وزير جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ شهباز شريف ۽ حمزه جي پيرول ۾ واڌ جي درخواست رد ڪندي چيو آهي ته وڏي وزير اڳ ئي انساني همدردي ۾ معمول کان وڌيڪ ڏينهن جي لاءِ پيرول ڏنو. سياسي گپ شپ ۽ ڪاروباري معاملا هلائڻ جي لاءِ پيرول ۾ واڌ نه ملندي.  ماءُ جي مڙهه جي صف تي سياست جي اجازت نه ڏينداسين. شهباز شريف کي اها درخواست ڏيڻ ئي نه گهرجي. پنجاب حڪومت جي پاليسي صاف ظاهر آهي.

Read Previous

حڪومت سان ڪنهن به قسم جي ڳالهين لاءِ تيار ناهيون: مولانا فضل الرحمان

Read Next

سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو

Most Popular